سپريم ڪورٽ جو عمران خان کي طبي ۽ پٽن سان ٽيلي فونڪ رابطي جي سهولت ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيرِاعظم عمران خان کي اکين جي ماهر ڊاڪٽرن تائين پهچ ۽ ٻارن سان رابطي لاءِ ٽيلي فونڪ سهولت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي.
رپورٽ موجب، عمران خان طبي سهولتن کي غير تسلي بخش قرار ڏنو آهي ۽ هن اکين جي ماهر ڊاڪٽرن تائين رسائي جي گهر ڪئي آهي.
ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل انور منصور عدالت کي ٻڌايو ته اسان اکين جي ماهر ڊاڪٽرن تائين پهچ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته حڪومت سٺي موڊ ۾ آهي، عمران خان کي سندس ٻارن سان ٽيلي فونڪ رابطي جي سهولت به ملڻ گهرجي، هو هن وقت اسٽيٽ ڪسٽڊي ۾ آهن، هن سميت سمورن قيدين کي هڪجهڙيون طبي سهولتون ملڻ گهرجن، اهو نه چونداسين ته عمران خان کي ٻين قيدين جي ڀيٽ ۾ نمايان سهولتون ڏنيون وڃن، سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته فرينڊ آف دي ڪورٽ ۽ جيل سپرنٽنڊنٽ جون رپورٽون هڪجهڙيون آهن.
عدالت عمران خان جي اکين جو معائنو ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معائني لاءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم جوڙي ويندي، ٻئي قدم 16 فيبروري کان اڳ کنيا ويندا، صحت جو مسئلو سڀ کان اهم آهي، صحت واري معاملي تي مداخلت جي ضرورت آهي، صحت بابت حڪومت جو موقف ڄاڻڻ چاهيون ٿا.
ان تي اٽارني جنرل چيو ته صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، جيڪڏهن قيدي مطمئن ناهي ته رياست قدم کڻندي.
چيف جسٽس چيو ته ٻارن سان ٽيلي فون ڪالز جو معاملو به اهم آهي، اسان حڪومت تي اعتماد ڪري رهيا آهيون، اصل ڪيس ۾ ٻڌڻي جو حڪم محفوظ ڪري رهيا آهيون.
ان کانپوءِ عدالت عمران خان کي سندس پٽن قاسم ۽ سليمان سان ٽيلي فونڪ رابطن جي سهولت ڏيڻ جو پڻ حڪم ڏنو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.