آءِ سي سي محمد نبي تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) افغان ڪرڪيٽر محمد نبي تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، محمد نبي مٿان اربع ڏينهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ڊي ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ دوران ظابطن جي ڀڃڪڙي تي ميچ فيس جو 15 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
هي واقعو ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ دوران افغانستان جي اننگز جي 14هين اوور جي شروعات تي پيش آيو، جڏهن محمد نبي ڏکڻ آفريڪي بالر لونگي نگيڊي جي ڪلائي بينڊ (ورسٽ بينڊ) واري معاملي تي امپائرن سان ڊگهي بحث ڪيو.
محمد نبي کي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي آرٽيڪل 2.4 جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث قرار ڏنو ويو، جيڪو ڪنهن انٽرنيشنل ميچ دوران امپائر جي هدايتن جي نافرماني سان بابت آهي،
ان کانسواءِ محمد نبي جي ڊسپلنري رڪارڊ ۾ هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ پڻ شامل ڪئي وئي آهي.
آءِ سي سي موجب، محمد نبي پنهنجي غلطي تسليم ڪري ورتي ۽ ميچ ريفريز طرفان تجويز ڪيل سزا قبول ڪري ورتي آهي، جنهن سبب باظابطا ٻڌڻي جي ضرورت پيش نه آئي.
واضح رهي ته اربع ڏينهن افغانستان کي احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ڊبل سپر اوور ۾ سخت مقابلي کانپوءِ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.