”منهنجيءَ ساڄي اک جو نور 85 سيڪڙو ختم ٿي چڪو آهي“ عمران خان جو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ) جي باني کي مليل سهولتن بابت رپورٽ سامهون اچي وئي، جنهن ۾ عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ساڄي اک جي نظر رڳو 15 سيڪڙو تائين محدود رهجي وئي آهي.
رپورٽ موجب، عمران خان مطالبو ڪيو آهي ته سندس ذاتي ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر عاصم يوسف کان طبي معائنو ڪرايو وڃي، سندس معائنو ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کان به ڪرائي سگهجي ٿو، کيس اڪيلائي واري قيد ۽ ٽي وي تائين پهچ نه هئڻ سبب ڪتاب فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
رپورٽ موجب، حفاظت ۽ سيڪيورٽي بابت درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ان حوالي سان کيس ڪو به خدشو ناهي، عمران خان ٻڌايو ته سندس استعمال هيٺ ڪمپائونڊ ۾ نگراني لاءِ اٽڪل 10 سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳل آهن، جيتوڻيڪ هڪ ڪيمرا جي ڪوريج غسل خاني واري حصي تائين آهي، جڏهن ته ڪمري/سيل جي اندر ڪائي ڪيمرا ناهي لڳل .
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عمران خان لڳ ڀڳ 9 لڳي 45 منٽن تي نيرن ڪندو آهي، ساڍي سارهين وڳي اٽڪل هڪ ڪلاڪ تائين قرآن مجيد جي تلاوت پوءِ پاڻ وٽ موجود محدود ورزش جا اوزار استعمال ڪندي جسماني ورزش ڪندو آهي، منجهند 1 لڳي 15 منٽن وهنجڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ باني کي محفوظ ڪمپائونڊ اندر موجود چهل قدمي واري شيڊ تائين رسائي ڏني ويندي آهي، ڪمپائونڊ اندر هو ويهي سگهي ٿو يا پسار ڪري سگهي ٿو، هو منجهند جي ماني لڳ ڀڳ ساڍي ٽِين کان چئن وڳي جي وچ ۾ کائيندو آهي.
رپورٽ موجب. مجموعي طور عمران خان پنهنجي حفاظت ۽ سيڪيورٽي بابت ڪو به خدشو ظاهر ناهي ڪيو، درخواستگذار چيو ته سندس روز مره جو معمول اونهاري ۽ سياري ۾ مختلف هوندو آهي، لڳ ڀڳ شام ساڍي پنجين وڳي کان ٻي صبح جو ڏهين وڳي تائين پي ٽي آءِ باني پنهنجي سيل ۾ بند رهندو آهي، سندس سيل بلاڪ اڊيالا جيل اندر اٽڪل 5 منٽن جي پنڌ تي واقع آهي.
رپورٽ موجب، سيل بلاڪ جي رڌڻي ۾ ٿانوَ، ڪراڪري ۽ ماني پچائڻ جو سامان موجود آهي، اڪثر کاڌي پيتي جون شيون بند دٻن ۾ محفوظ هيون، کاڌي پيتي جي شين ۾ مصالحا ۽ خشڪ ميوا شامل هئا، رڌڻي جي صفائي بابت ڪجهه بهتري جي گنجائش محسوس ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عمران خان جي سيل اندر 3 هاءِ وولٽيج بلب، هڪ ڇت وارو پکو ۽ هڪ بلوئر هيٽر موجود آهي، سيل ۾ 2 ميزون، هڪ وال ڪلاڪ، هڪ کٽ/بيڊ، هڪ ڪرسي ۽ هڪ ننڍڙو ريڪ موجود هو، جڏهن ته سيل اندر 32 انچ جو ٽي وي ڀت تي لڳل هئي جيڪا خراب هئي، سيل ۾ ڪا الماڙي موجود ناهي، ڪپڙا پنج هينگرز تي ٽنگيل هئا، سيل اندر ڏنل ڪُرسي غير آرامده هئي، سيل ۾ هڪ سنگل بيڊ ميٽرس، 4 وِهاڻا ۽ 2 ڪمبل موجود هئا، سيل اندر نماز واري جاءِ ۽ تسبيح موجود هئي، جڏهن ته 2 ٽوال پڻ هئا.
رپورٽ موجب لڳ ڀڳ 100 ڪتاب هڪ ميز تي رکيل هئا، ان کانسواءِ ٻه صوف، ٽشو پيپر، مائوٿ واش، ايئر فريشنر، شيو جيل ۽ شيو ڪٽ پڻ موجود هئا، سيل اندر لڳ ڀڳ ساڍا 4 باءِ 4 فٽ جو ٽوائلٽ هو، ٽوائلٽ ٻاهران گرم ۽ ٿڌي پاڻي جي سهولت، واش بيسن ۽ آئينو موجود هو.
رپورٽ موجب، عمران خان ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 3 کان 4 مهينا اڳ، يعني آڪٽوبر 2025 تائين سندس ٻنهي اکين جي نظر 6×6 (مڪمل نارمل) هئي، هاڻي هڪ اک جي نظر 15 سيڪڙو تائين رهجي وئي آهي جنهن جو علاج پمز جي ڊاڪٽرن ڪيو، ان کانپوءِ ڪمزور ٿيڻ جي شڪايت شروع ٿي، ڪيترائي ڀيرا ان وقت جي سپرنٽنڊنٽ جيل کي نظر جي گهٽجڻ بابت آگاهه ڪيو ويو، پر جيل انتظاميا طرفان سندس شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪو اثرائتو قدم نه کنيو ويو، بعد ۾ اوچتو ساڄي اک جي نظر مڪمل ختم ٿي وئي جنهن کانپوءِ پمز اسپتال جي اکين جي ماهر ڊاڪٽر محمد عارف کي معائني لاءِ سڏايو ويو.
رپورٽ موجب، عمران خان چيو ته سندس اک ۾ رت جو ڪلاٽ بڻجي ويو هو جنهن سخت نقصان پهچايو، علاج (جنهن ۾ هڪ انجڪشن به شامل هو) باوجود سندس ساڄي اک جي نظر رڳو 15 سيڪڙو تائين محدود رهجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.