نار مُلڪَ پاڪستاني پينو فقيرن، چورن ۽ بشنين لاءِ جنت بڻجي ويا، 38هزار تڙي ڪڍيا ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نار ملڪ پاڪستاني پينو فقيرن، چورن ۽ ٺَڳن لاءِ جنت بڻجي ويا.
سال 2025 دوران نار ملڪن مان ڊي پورٽ ڪيل پاڪستانين جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا.
سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت سوالن واري وقفي دوران لکت ۾ جواب جمع ڪرايو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سال 2025 ۾ نار ملڪن مان ڪُل 38 هزار 616 پاڪستانين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو، بحرين مان 786، ڪويت مان 163، عمان مان 2 هزار 537، سعودي عرب مان 27 هزار 692، يو اي اي مان 6 هزار 794 ۽ قطر مان 644 پاڪستاني ڊي پورٽ ٿيا.
ڊي پورٽ ڪيل پاڪستاني غير قانوني قيام، ويزا ڀڃڪڙي، پنڻ، چوري، اقامي جو مدو پورو ٿيڻ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هئا.
شازيه مري جي سوال تي گهرو وزارت ٻڌايو ته ايف آءِ اي جنوري 2025 کان هينئر تائين پرڏيهي ڪرنسي جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن، غير قانوني هنڊي ۽ حوالا ڊيلرن خلاف 551 ڇاپا هنيا، 576 ڪيس داخل ڪيا ۽ 703 جوابدار گرفتار ڪيا جڏهن ته 324 ڪيسز ۾ سزا پڻ ڏني وئي.
بچاءَ واري وزارت ايوان کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت گڏيل قومي يوٽيلائيزيشن فريم ورڪ تيار ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان جي پهرين هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ هن وقت آربٽ ٽيسٽنگ جي مرحلي ۾ آهي.
سيٽلائيٽ ٽيسٽنگ کانپوءِ مختلف آرگنائيزيشنز لاءِ اميج ڊيٽا هلندڙ مهيني جي آخر تائين دستياب هوندي، گڏيل قومي يوٽيلائيزيشن فريم ورڪ تي هاڪاري عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته فريم ورڪ تحت زراعت، ماحوليات ۽ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ ۾ شهرين لاءِ سروسز فراهم ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.