اختر مينگل جي قومي اسيمبلي ميمبر شپ تان استعفيٰ 17 مهينن بعد منظور

اسلام آباد (بيورو) بلوچستان نيشنل پارٽي سربراهه اختر مينگل جي قومي اسيمبلي جي ميمپر شپ تان ڏنل استعيفيٰ لڳ ڀڳ 17 مهينن بعد منظور ٿي وئي، ذريعن موجب قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق بي اين پي سربراهه اختر مينگلجي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اختر مينگل جي استعيفيٰ گذريل رات منظور ڪئي، جڏهن ته استعيفيٰ کي ساڳئي تاريخ کان منظور سمجهيو ويو، جنهن تاريخ تي اها جمع ڪرائي وئي، ذريعن موجب سردار اختر مينگل جنوري 2026 تائين قومي اسيمبلي جي ميمبر طور سموريون مراعتون به استعمال ڪندو رهيو، ياد رهي ته اختر مينگل قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان 3 سيپٽمبر 2024 تي استعيفيٰ ڏني هئي، جيڪا هاڻي تقريبن 17 مهينن بعد منظور ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.