اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ خودڪش حملي دوران بمبار کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ شهيد ٿيندڙ شهرين عون عباس کي شاندار الفاظ ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندس وارثن لاءِ 1 ڪروڙ رپين جي امداد جو اعلان ڪيو، رپورٽن موجب وزيراعظم شهباز شريف ترلائي ۾ امام بارگاهه خديجه الڪبرى جو دورو ڪيو ۽ مسجد انتظاميه ۽ شهيدن جي وارثن سان ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشت گردن جو ڪو به مذهب ناهي ۽ هن واقعي ذريعي قوم ۽ مسلمانن کي ورهائڻ جي سازش ڪئي وئي، جيڪا قوم جي اتحاد سان ناڪام ٿي وئي، هن چيو ته ترلائي ڌماڪي جي جيڪا به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، آءِ جي، وزير، فوج ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا روزانو دهشت گردن جو پيرو کڻندا آهن ۽ انهن کي ختم ڪن ٿا، سڄي قوم پاڪستاني فوج جي مقروض آهي، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.