ننگرپارڪر ڀرسان نينگر ۽ نينگري جا ڦاهو کاڌل لاش هٿ

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ننگرپارڪر ڀرسان ڳوٺ آڌيگام ۾  14 سالن جي نينگر ڏيارام ولد تيجو ڪولهي ۽ 14 سالن جي نينگري ونو ڌيءَ انچلو ڪولهي جا ڪونڀٽ جي وڻ ۾ هڪ ئي رسي ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيا،  اهڙو اطلاع ننگرپارڪر پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش وڻ مان لاهي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا جتان پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، نينگر ڏيارام جي والد تيجو ڪولهي  ۽ نينگري ونو ڪولهي جي والد انچلو ڪولهي ٻڌايو ته اسان ڳوٺ آڌيگام ۾ هڪ زميندار وٽ ٻني ۾ هارپو گڏ ڪندا هئاسين ۽ نينگري  جي مڱڻي ٿيل هئي ۽ اڄ شادي جي رسم ونواهه شروع ٿيڻ واري هئي ۽ سندس شادي ڳوٺ اونهير ۾ رٿيل هئي ته نينگر ۽ نينگري رات دير سان گهران نڪري ڳوٺ ڀرسان ڊيم  ۾ هڪ ئي وڻ ۾ اجتماعي آپگهات ڪري ڇڏيو، اسانکي نينگر ۽ نينگري پاڻ ۾ تعلقات جي باري ۾ ڪڏهن به ڳالهه نه ڪئي هئي نه وري اسان کي سندن تعلقات جي بابت ڄاڻ هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي ٻي هنڌ شادي رٿيل هئي  مبينا آپگهات ڪندڙ ٻئي هڪٻئي کي پسند ڪندا هئا، شروعاتي پوسٽ مارٽم ۾ جسم ۾ ڪٿي به تشدد جا نشان نظر نه آيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.