عثمان طارق جو ايڪشن قانوني آهي يا نه؟ ايشون ٻڌائي ڇڏيو

چنائي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ آمريڪا خلاف پاڪستان جي فتح کانپوءِ مسٽري اسپنر عثمان طارق هڪ ڀيرو ٻيهر ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدار ۽ ڪرڪيٽ ماهر، خاص طور تي ڀارت سان واسطو رکندڙ مبصر سندس غير روايتي بالنگ ايڪشن تي بحث ڪري رهيا آهن.
ان حوالي سان اڳوڻي ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون پاڪستاني بالر عثمان طارق جو دفاع ڪندي چيو آهي ته ميدان تي ٺونٺ جي مُڙڻ جو اندازو لڳائڻ عملي طور ناممڪن آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ”مان هن ڳالهه کي جيترو ممڪن هجي اوترو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو.“
هن چيو ته ” پهرين ڳالهه اها آهي ته سندس ايڪشن جي قانوني حيثيت جي جاچ رڳو آءِ سي سي جي بالنگ ايڪشن ٽيسٽنگ سينٽر ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. ٻي ڳالهه اها آهي ته 15 ڊگري وارو اصول موجود آهي، جنهن تحت بالر لاءِ ٺونٺ سڌي رکڻ جي حد مقرر ٿيل آهي ۽ آن فيلڊ امپائر لاءِ اهو ڄاڻڻ ناممڪن آهي ته بالر ان حد اندر بالنگ ڪري رهيو آهي يا نه ان جو واحد حل اهو آهي ته ميچ دوران رئيل ٽائيم ٽيسٽنگ وارو نظام موجود هجي.“
ايشون وڌيڪ چيو ته ”هي هڪ گري ايريا آهي ۽ ڪنهن تي ان مان فائدو وٺڻ جو الزام لڳائڻ مناسب ناهي.“
عثمان طارق جو ڪريز تي وقفو وٺڻ قانوني آهي يا نه؟ ان تي تبصرو ڪندي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر چيو ته ”منهنجي خيال ۾ اهو مڪمل طور تي قانوني آهي، ڇو ته اهو سندس ايڪشن جو حصو آهي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.