ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ تمام گهٽ ائين ٿيندو آهي جو مقابلي جو فيصلو سپر اوور ۾ ٿئي، پر ٿورو سوچيو جڏهن ته ائين ٿئي ۽ سپر اوور ۾ به نتيجو نه نڪري ۽ ٻيو سپر اوور کيڏڻو پوي ته ڇا ٿيندو؟
اربع ڏينهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ افغانستان وچ ۾ ٿيل ميچ ۾ اهڙو ئي منظر ڏسڻ ۾ آيو، جتي آخرڪار ڏکڻ آفريڪا ٻئي سپر اوور ۾ افغانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪجهه واهپيدار ان کي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل جي تاريخ جو بهترين ميچ قرار ڏئي رهيا آهن.
ياد رهي ته ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ رڳو هڪ ڊبل سپر اوور ميچ ٿي آهي ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جنوري 2024 ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ به افغانستان شامل هو، پر ان مقابلي ۾ به کيس ڀارت هٿان شڪست نصيب ٿي هئي.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 13 هين ميچ ڏکڻ آفريڪا پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ريان رِڪلٽن 28 بالن تي چئن ڇڪن ۽ پنجن چوڪن جي مدد سان 61 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 41 بالن تي 59 رنسون اسڪور ڪيون.
افغانستان طرفان عظمت الله عمرزئي 3 ۽ راشد خان 2 وڪيٽون ورتيون.
ڏکڻ آفريڪا جي 188 رنسن جي جواب ۾ رحمان الله گرباز افغانستان کي شاندار شروعات فراهم ڪئي ۽ ابراهيم زردان سان گڏ 50 کان وڌيڪ رنسن جي اوپننگ ڀائيواري قائم ڪئي.
افغانستان جي پهرين وڪيٽ پنجين اوور ۾ ڪِري جڏهن زردان 10 بالن تي 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ان کانپوءِ لڳاتار ٻه وڪيٽون ڪِريون، پر گرباز پنهنجي اننگز جاري رکي.
ميچ جي 13هين اوور ۾ گُرباز 84 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، آخر ۾ ڪپتان راشد خان ۽ نور احمد ميچ کي دلچسپ بڻائي ڇڏيو، افغانستان کي کٽڻ لاءِ آخري ٽن بالن تي رڳو ٻه رنسون گهربل هيون، پر فضل الحق فاروقي ٻي رنس وٺڻ جي ڪوشش ۾ رن آئوٽ ٿي ويو ۽ ميچ ٽاءِ ٿي وئي.
پهريون سپر اوور
پهرئين سپر اوور ۾ افغانستان 17 رنسون ٺاهيون، عظمت الله عمرزئي 5 بالن تي 15 رنسون ڪيون.
جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊيولڊ بريوس ۽ ڊيوڊ ملر اننگز شروع ڪئي، پر بريوس ست رنسن تي آئوٽ ٿي ويو.
ٽرسٽن اسٽبز پهرين بال تي چوڪو هنيو، پر فضل الحق فاروقي ٻيو بال ڊاٽ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ڏکڻ آفريڪا کي آخري بال تي ڇهه رنسون گهربل هيون ۽ اسٽبز ڇڪو هڻي ميچ برابر ڪري ڇڏي.
ٻيو سپر اوور
ٻئي سپر اوور ۾ ڏکڻ آفريڪا 23 رنسون ٺاهيون، سينيئر بيٽر ڊيوڊ ملر چئن بالن تي 16 رنسون ٺاهيون، افغانستان جي شروعات سٺي نه رهي ۽ محمد نبي کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو.
چئن بالن تي 23 رنسن جو هدف ڏکيو لڳي رهيو هو، پر رحمان الله گُرباز ڪيشو مهاراج جي لڳاتار ٽن بالن تي ٽي ڇڪا هڻي ميچ کي ٻيهر دلچسپ بڻائي ڇڏيو.
افغانستان کي هڪ بال تي ڇهه رنسون ٺاهڻيون هيون ۽ مهاراج وائيڊ بال ڪرائي وڌو، اهڙي طرح آخري بال تي پنج رنسون باقي بچيون ۽ چوڪي جي صورت ۾ ميچ وري برابر ٿي پئي سگهي، پر آخري بال تي گرباز ڊيوڊ ملر کي ڪيچ ڏئي ويٺو ۽ اهڙي ريت ميچ ڏکڻ آفريڪا پنهنجي نالي ڪري ورتي.
سوشل ميڊيا تي ردعمل
افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي دلچسپ مقابلي تي سوشل ميڊيا تي تبصرا ڪيا پيا وڃن ۽ ان کي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو بهترين مقابلو قرار ڏئي رهيا آهن.
ڪي ماڻهو رحمان الله گرباز جي شاندار بيٽنگ جي واکاڻ ڪري رهيا آهن، هڪ صارف گرباز جي ميچ کانپوءِ سندس تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ”هنن آخري بال تائين اميدون زنده رکيون.“
سنديپان بئنرجي نالي واهپيدار سوال ڪيو ته” ڇا هي ٽي ٽوئنٽي آءِ ( انٽرنيشنل) جي تاريخ جي بهترين ميچ هئي؟
هڪ ٻئي واهپيدارن لکيو ته” اهڙن ماڻهن لاءِ ٻه منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ گهرجي جن هيءَ ميچ مس ڪري ڇڏي.“
جنهن تي ٻئي صارف چيو ته ” اڄ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڪرڪيٽ پنهنجي عروج تي هئي.“
ڪجهه واهپيدار افغانستان طرفان ٻئي سپر اوور ۾ رحمان الله گرباز بدران محمد نبي کي موڪلڻ واري فيصلي تي تنقيد به ڪري رهيا آهن.
صالحه نالي صارف لکيو ته” افغانستان کي گرباز بدران محمد نبي کي موڪلڻ واري فيصلي جو هميشه افسوس رهندو.“