ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر اڀيشڪ شرما معدي جي انفيڪشن سبب اسپتال ۾ داخل ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ نميبيا خلاف ميچ ۾ اڀيشڪ شرما جي شرڪت بيماري سبب شڪي بڻجي وئي آهي.
ڀارتي بيٽر جي طبيعت آمريڪا خلاف ميچ کان اڳ ئي خراب ٿي وئي هئي ۽ ميچ کانپوءِ سندس حالت وڌيڪ بگڙي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اڀيشڪ شرما کي معدي ۾ انفيڪشن ٿيڻ سبب دهلي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي کيس تيز بخار سبب ترت ڊرپس لڳايون ويون.
ڀارتي بيٽر جون اسپتال ۾ مختلف ٽيسٽ پڻ ڪيون ويون ته جيئن انفيڪشن جي نوعيت بابت صحيح اندازو لڳائي سگهجي.
اڀيشڪ شرما نئين دهلي جي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ پريڪٽس سيشن ۾ به شرڪت نه ڪئي.
رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته اڃا تائين اهو واضح ناهي ته کيس اڄ اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو يا نه تنهن ڪري نميبيا خلاف ميچ ۾ سندس شرڪت شڪي آهي.
موجودا صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڀيشڪ شرما جي جاءِ تي واشنگٽن سندر کي ڀارتي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
You might also like