ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا ٽيم کي پهرين ئي ميچ کان اڳ وڏو ڌڪ لڳو آهي.
آسٽريلوي ميڊيا موجب، ڪپتان مچل مارش انجري سبب پهرين ميچ مان ٻاهر ٿي ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي بيڪ اپ طور اسٽيو سمٿ کي سريلنڪا گهرايو ويو آهي.
آسٽريلوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مچل مارش کي گروئن انجري ٿي آهي، جنهن سبب کيس آرام ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اڄ آئرلينڊ خلاف ميچ ۾ ٽريوس هيڊ ٽيم جي قيادت ڪندو.
اسٽيو سمٿ ورلڊ ڪپ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو ناهي، ان باوجود ڪرڪيٽ آسٽريليا چيو آهي ته ضرورت پوڻ تي اسٽيو سمٿ کي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.