لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر ناصر جمشيد چيو آهي ته جيل ۾ ڏکيو وقت گذريو ۽ قيد دوران هو آپگهات بابت سوچي رهيو هو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ناصر جمشيد چيو ته کيس پنهنجي غلطي تي تمام گهڻو پڇتاءُ آهي ۽ هن ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن وڪيل صحيح صلاح ڏئي ها ته سزا گهٽ ٿئي ها ۽ پابندي به ختم ٿي چڪي هجي ها.
هن چيو ته برمنگهم جي شيشا ڪيفي ۾ رڪارڊ ٿيل سندس ڳالهه ٻولهه جڏهن عدالت ۾ ٻڌائي وئي ته هن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو.
سندس چوڻ هو ته وڪيل ئي کيس صلاح ڏني هئي ته ڏوهه قبول نه ڪري ۽ ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطا ختم ڪري ڇڏي.
هن الزام لڳايو ته شاهد علي جي غلط رهنمائي سبب هو ناڪام ٿيو، ڇو ته کيس رڳو پئسي ٺاهڻ سان مطلب هئي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته هو يوسف انور سان سازش ۾ شامل هو ۽ هن ئي يوسف انور جو رابطو شرجيل خان ۽ خالد لطيف سان ڪرايو هو.
ناصر جمشيد چيو ته جيل ۾ ڏاڍو ڏکيو وقت گذريو ۽ هو قيد دوران آپگهات جو سوچي رهيو هو، پر ڏکئي وقت ۾ سندس گهرواري کيس سنڀاليو، جڏهن هو ڌيءَ جون تصويرون موڪليندي هئي ته کيس حوصلو ملندو هو، تنهنڪري هن زال ۽ ڌيءَ خاطر جيئڻ جو فيصلو ڪيو.
هن چيو ته پي سي بي چيئرمين کي درخواست آهي ته سندس پابندي جو هڪ سال باقي آهي اهو معاف ڪيو وڃي.
هن چيو ته هو شرمسار آهي ۽ جيڪو ڪجهه ڪي غلط هو، نون رانديگرن کي چوندس ته ڪڏهن به ڪرپشن ۾ ملوث نه ٿين.
واضح رهي ته مانچسٽر ڪرائون ڪورٽ ناصر جمشيد کي 17 مهينا قيد ۽ 10 سال ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي جي سزا ٻڌائي هئي.
ڪيس جو پسمنظر:
نيشنل ڪرائم ايجنسي جاچ کانپوءِ اسپاٽ فڪسنگ جي الزام هيٺ ناصر جمشيد کي گرفتار ڪيو هو، ناصر جمشيد ۽ سندس ساٿين بنگلاديش پريميئر ليگ 2016 ۽ پي ايس ايل 2017 دوران اسپاٽ فڪسنگ جي ڪوشش ڪئي هئي.
بي پي ايل دوران هڪ بيٽر کي رقم عيوض هڪ اوور جي شروعاتي ٻن بالن تي رنسون نه ٺاهڻ تي راضي ڪيو ويو هو.
ان کانسواءِ 2016 ۾ ناصر جمشيد هڪ اٽيليجنس اهلڪار کي ٻڌايو هو ته بي پي ايل جا 6 رانديگر سندس لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ في ميچ 30 هزار پائونڊ رقم رانديگرن ۾ ورهائي وئي.
ناصر جمشيد شروع ۾ پي ايس ايل ۾ رشوت وٺڻ جي ترديد ڪئي، پر بعد ۾ عدالت ۾ اعتراف ڪيو جنهن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گذريل سال مٿس 10 سال پابندي لاڳو ڪئي هئي.