انقلاب ايران جا سبب ۽ ترقيءَ جا شاندار 47 سال 

اعجاز ممنائي

ايران جي تاريخ ۾ حڪومت جي سڀ کان وڌيڪ ڊرامائي تبديلين مان هڪ 1979ع جي ايراني انقلاب سان ڏٺي وئي، ڇوته امام خميني کي رضا شاهه پهلوي پهريون ڀيرو 4 نومبر 1964ع تي ترڪي جلاوطن ڪيو هو۔ڇوته پاڻ ڊگهي عرصي کان شاههِ ايران جي پاليسين تي تنقيد ڪندا رهيا هئا ۽ چوندا هئا ته اسلام ۾ شهنشاهيت جي ڪا گنجائش نه آهي. ٻيو ته شاهِ ايران حد کان وڌيڪ آمريڪا نواز هو ۽ اسرائيل سان به انتهائي ويجها لاڳاپا قائم ڪري رکيا هئائين۔ ان کان علاوه شاهه جون اسلام ۽ ايران مخالف پاليسيون به هيون، جيئن جديديت جي نالي تي مغربيت جو فروغ، فحاشي ۽ عرياني، حجاب ۽ روايتي لباس تي پابنديون وغيره۔ پر جيڪا ڳالهه سڌي طرح امام خميني رحه جي جلاوطني جو سبب بڻي، اها شاهِ ايران جي ڪيپيچوليشن لا (Capitulation Law) تي سخت تنقيد هئي، جيڪو 1964ع ۾ منظور ٿيو۔ هن قانون تحت ايران ۾ رهندڙ آمريڪي فوجين، شهرين ۽ عملدارن کي ايراني قانونن کان مستثنيٰ قرار ڏنو ويو، يعني آمريڪي شهري ايراني عدالتن جي اختيار کان مٿانهون قرار ڏنا ويا۔ شاهه جي دور ۾ هزارين آمريڪي ايران ۾ رهندڙ هئا۔پاڻ ان قانون تي سخت تنقيد ڪئي، ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪو آمريڪي باورچي به ڪنهن مرجع تقليد کي قتل ڪري ڇڏي ته ايراني عدالت ڪجهه به نه ڪري سگهندي۔ ان کان اڳ پاڻ شاهه ايران جي سفيد انقلاب (White Revolution) خلاف 15 خرداد جي تحريڪ به شروع ڪئي هئي۔ اهي ئي سبب هئا جو  کين رات جي اونداهيءَ ۾ قم شهر مان گرفتار ڪري تهران ايئرپورٽ آندو ويو، جتان فوجي جهاز ذريعي ترڪيءَ جلاوطن ڪيو ويو، ترڪي هڪ سيڪيولر رياست هئي، اتي کين ايراني ماڻهن کان پري ”بورصه“ نالي شهر ۾ فوج جي نگراني هيٺ رکيو ويو ۽ لڳ ڀڳ هڪ سال ترڪي ۾ اذيتون سهندا رهيا۔ سندس خواهش هئي ته کيس عراق منتقل ڪيو وڃي۔ ايراني عالمن ۽ مراجع جي درخواست تي شاهه ايران کيس عراق وڃڻ جي اجازت ڏني۔ اُن وقت نجف اشرف عالمِ تشيع جو علمي ۽ فڪري مرڪز هو۔ تنھنڪري 1965ع ۾ اوهان نجف اشرف، عراق منتقل ٿيا، جتي آيت الله سيد ابوالقاسم الخوئي (قدس سره) سميت ٻين مراجع سان ملاقات ڪئي ۽ پهريون ڀيرو اسلام جي سياسي پهلوءَ تي خصوصي درسن جو سلسلو شروع ڪيو ۽ ولايتِ فقيه جي نظريي جا بنياد مضبوط ڪيو۔

شروعات ۾ عراقي صدر صدام حسين سندس آمد جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ ته اُن وقت ايران سان سندس لاڳاپا خراب هئا۔ هن امام خميني رحه کي استعمال ڪرڻ ٿي چاهيو، پر کيس ڪجهه به حاصل نه ٿيو ويتر پاڻ صدر صدام حسين جي آمريت کي به للڪارڻ شروع ڪيو۔ 1975ع کان پوءِ حالتون بدلجي ويون۔ صدام حسين ۽ شاهِ ايران وچ ۾ ”الجزائر معاهدو“ ٿيو، جنهن کان پوءِ صدام حسين امام خميني تي سختيون ڪرڻ شروع ڪيون۔ طلبا ۽ زائرين جي امام خميني سان ملاقاتن تي پابنديون وڌيون ويون، سندس تقريرون ۽ بيان، جيڪي اُن زماني ۾ آڊيو ڪيسٽن ذريعي ايران موڪليا ويندا هئا، تن تي به پابندي لڳائي وئي۔

1978ع ۾ ايران اندر شاهه ايران خلاف مظاهرا زور وٺڻ لڳا۔ صدام حسين امام خميني تي شديد دٻاءُ وڌو ته يا ته خاموشي اختيار ڪريو يا عراق ڇڏي ڏيو، ڇو ته کيس اهو خدشو هو ته عراق جي اڪثريتي شيعه آبادي امام خميني جي اثر هيٺ اچي سندس خلاف بغاوت نه ڪري ويهي۔

نتيجي طور امام خميني رحه عراق ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو۔ هنگامي حالتن ۾ پاڻ ڪويت وڃڻ جو ارادو ڪيو، ڇوته ڪويت عراق سان لڳولڳ آهي ۽ اتي وڏي شيعه آبادي به موجود هئي، ۽ ان سان گڏ عراق ۽ ايران سان رابطو به ممڪن هو۔ نجف کان ڪجهه ڪلاڪن جي فاصلي تي بصره آهي ۽ اُتان ئي ڪويت جي سرحد لڳي ٿي۔ پاڻ ڪويت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سرحد تي پهتا، پر ڪويت جي حڪومت کيس ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ۽ چيو ويو ته ڪويت هڪ ننڍي رياست آهي ۽ وڏين طاقتن جي مخالفت برداشت نٿي ڪري سگهي۔انڪري ايمرجنسي صورتحال ۾ پنهنجي ساٿين کيس فرانس وڃڻ جو مشورو ڏنو، ڇو ته اُن وقت ايراني شهرين لاءِ فرانس جو ويزا ضروري نه هو۔ ان کان علاوه فرانس ۾ اظهارِ راءِ تي پابندي نه هئي، ۽ ايراني ماڻهن جو وڏو تعداد فرانس ۾ رهندو هو۔ ان ڪري پاڻ فرانس وڃڻ جو فيصلو ڪيو۔ جتي پاڻ صرف چار مهينا قيام ڪيو۔ اُن وقت ايران ۾ شهنشاهي نظام پنهنجا آخري ساهه کڻي رهيو هو، عوام ۽ سيڪيورٽي ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ جاري هو۔ جيڪا تحريڪ امام خميني رحه 1964ع کان شروع ڪئي هئي، اُن جي ڪاميابي جو وقت اچي چڪو هو۔ 14 سال مختلف ملڪن، خاص طور تي عراق مان، ان تحريڪ کي منظم ڪيو ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچايو ۽ رضا شاھ پهلوي جي حڪومت جو خاتمو آندو ويو ۽ ان جي جاءِ تي روح الله خميني رحه اسلامي جمهوريه ايران جو سربراھ مقرر ٿيو. آمرانه بادشاهت کي اسلامي فقهائن جي سرپرستي جي اصول (ولايت الفقيه) جي بنياد تي هڪ شيعه اسلامي جمهوريه سان تبديل ڪيو ويو، جنهن ۾ شيعه فقهاء رياست جي سربراهه طور ڪم ڪري رهيا هئا ۽ ڪيترائي طاقتور سرڪاري عهدا سنڀالي رهيا هئا. مغرب نواز، آمريڪا نواز پرڏيهي پاليسي کي "نه اوڀر ۽ نه اولهه” جي پاليسي سان تبديل ڪيو ويو، جيڪو ٽن ٿنڀن تي ٻڌل هو۔ عورتن لاءِ لازمي حجاب، آمريڪا ۽ اسرائيل جي مخالفت ۽ تيزي سان جديد ٿيندڙ سرمائيدارانه معيشت۔انهن ٽنهي بنيادن کي هڪ مشهور اسلامي معيشت ۽ ثقافت سان تبديل ڪيو ويو.انقلاب جو اڳواڻ ۽ اسلامي جمهوريه جو باني آيت الله روح الله خميني رحه 1989 ۾ پنهنجي وفات تائين ايران جي سپريم ليڊر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.بعد ۾ سندس جاءِ تي آيت الله سيد علي خامنه اي سپريم ليڊر مقرر ٿيو.

1999 کان وٺي، ايران ڪيترن ئي سياسي، سماجي ۽ معاشي احتجاجي تحريڪن ۾ سرگرم رهيو آهي، جن ۾ جولاءِ 1999 جا شاگرد احتجاج، 2009 جي صدارتي چونڊن خلاف احتجاج، 2011-2012 جا احتجاج، 2019-2020 جا احتجاج، ۽ 2022-2023 جي مهسا اميني احتجاج ۽ تازو 2026 جا شديد احتجاج شامل آهن. انهن سڀني احتجاجن کي هر دور ۾ حڪومت پاران نه رڳو ضابطو آندو ويو آهي پر ان پٺيان لڪل هٿن کي به وقت بوقت ظاهر ڪيو ويو آهي۔.

ڪجھه ڏينھن اڳ ايران ۾ مظاھرا جاري ھئا جنهن کان پوءِ اسرائيل ۽ آمريڪا بار بار چوندا رھيا ته مظاھرين کي سي آئي اي ۽ موساد جي مدد حاصل آھي۔ فوري طور ايران کي باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو اسين توھانجي مدد لاء پھچي رهيا آهيون۔اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي ايران تي حملي جي مڪمل تياري ڪئي آهي پر ان کان اڳ ئي ايران پنهنجي قوم کي امام خمينيء رحه قول سان ماٺار ڪري ڇڏيو ته ”آمريڪا ان ڪتي مثل آهي جنهن کان ڊڄندو ته توهانکي کائيندو پر جيڪڏهن پادر هڻندوس ته ڀڄي ويندو“۔يا وري فرمايائين ”جيڪڏهن آمريڪا لا اله الا الله به پڙهي وٺي ته به ان تي اعتبار نه ڪجو“ ۽ اهو ئي ٿيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ يوٽرن ڪندي پنهنجي صلاحڪارن سان صلاح ڪرڻ کان بغير اعلان ڪيو ته آمريڪا ايران جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو۔ هوڏنهن پھلوي ايران جون واڳون سنڀالڻ لاء تيار ھو پر ڪم الٽو ٿي ويو۔ھڪ اندازي موجب ٻه ھزار ماڻھو مارجي ويا جنھن ۾ سيڪيورٽي وارا به شامل هئا۔

ھن وقت تائين ايران سان اسرائيل۔آمريڪا۔يورپين يونين۔نيٽو ۽ مسلمان ملڪن جو جھيڙو جاري آھي۔مسلمان ملڪن جو ايران سان طاقت جي توازن۔ مسلڪي ۽ فقه جو جھيڙو آھي۔عراق سميت ڪيترن ملڪن ايران سان جنگيون ڪيون آهن۔اڌ صدي کان ايران وڏي مشڪلاتن ۾ رھيو آھي۔ سالن کان عالمي پابندين ۽ ڪمزور معيشت باوجود ايران ترقي جي بلنديءَ تي دنيا جي اڪثر ملڪن کان بھتر ۽ دفاع جي لحاظ کان ڪافي مضبوط ملڪ آھي۔ آمريڪي حملي باوجود ايران ايٽم بم ٺاھي اسلامي دنيا جو طاقتور ملڪ بڻجي چڪو آھي۔ايران وٽ ميزائيل ۽ ڊرون ٽيڪنالوجي دنيا جي گھڻن  ملڪن کان بھتر آھي ٻيو ته ايران وٽ طاقتور فوج آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.