پشاور هاءِ ڪورٽ 2 ايڊيشنل ججن کي برطرف ڪري ڇڏيو

پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ 2 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن کي انهن جي عهدن تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري تي، پشاور هاءِ ڪورٽ 2 ايڊيشنل  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مدثر شاهه ترمذي کي انهن جي عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شيخ افضل کي پڻ انهن جي عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ ٻنهي ججن کي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي برطرف ڪري ڇڏيو. انڪوائري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي عدالتي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. ٻئي طرف، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حافظ نسيم اڪبر پاڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.