ميهڙ ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت ڏکوئيندڙ واقعو آهي:جماعت اسلامي

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ميهڙ ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جي قتل جي شديد مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ان واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي، سنڌ ۾ لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ ۽ پوليس اهلڪارن جي قتل مان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته صوبي ۾جهنگ جو قانون نافذ آهي، تازو واقعو امن امان جي دعويدار گهرو وزير  ۽ سنڌ حڪومت  جي منهن تي زوردار چماٽ آهي. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ شڪارپور ۾ ايس ايڇ او خميسو بروهي جو قتل ٿيو جنهن جا قاتل اڄ به قانون جي پڪڙ کان آجا آهن جڏهن ته تازي واقعي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت لاقانونيت جي انتھا ۽ سنڌ تي مڙھيل پ پ جي سترھن سالن جي ڪاري دور جو نتيجو آھي. هن  ميهڙ واقعي ۾ شهيد پوليس اهلڪارن جي قاتلن  جي في الفور گرفتاري، جوابدارن کي قرار واقعي سزا ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت توڙي ڏوهاري ٽولن جي سهولتڪاري ڪندڙن خلاف فوجي آپريشن جو مطالبو پڻ ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.