اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)نيب چيئرمين جي ٽن سالن جو ناقابل توسيع مدو ختم ٿيڻ ۾ باقي ڪجهه هفتا بچيا آهن،نيب چيئرمين کي عهدي تي برقرار رکڻ لاءِ قانون ۾ تبديلي جو آپشن موجود آهي،آءِ ايم ايف کي نيب چيئرمين جي 3 سالن جي ناقابل توسيع مدي تي خدشا آهن،عالمي مالياتي اداري کي ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرل جي ناقابل توسيع ملازمت مدي تي به تحفظات آهن،آءِ ايم ايف ٽن سالن جي ناقابل توسيع مدت اداري جي آزادي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏي،اداري چيو آهي ته ٽن سالن جي مدي ۾ نيب سڌارن جي شروعات ۽ عملدرآمد مشڪل آهي،نيب چيئرمين جو مدو چونڊيل ميمبرن جي 5 سالن جي مدي کان وڌيڪ هئڻ گهرجي،چونڊيل ميمبرن کان مدو وڌائڻ تي سياسي مقرري جا خطرا گهٽ ٿيندا،نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(ر)نذير احمد جو ٽن سالن جو مدو ايندڙ مهيني مارچ ۾ ختم ٿيندو،قانون تحت نيب چيئرمين جي ٽن سالن جي مدي ۾ واڌ نٿي ٿي سگهي.