دادو (عوامي آواز رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي دادو ڪيمپس جي پرو وائس چانسلر اظهر شاهه ۽ استادن ۾ تڪرار جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڏسجي ٿو ته استاد ۽ پي وي سي هڪٻئي تي الزام ۽ هڪٻئي کي ڌمڪيون ڏين ٿا. ان تي استادن ۽ شاگردن پاران ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. هڪ استاد الزام هڻندي چيو ته پرو وي سي چماٽون هنيون آهن ۽ سندس حياتي کي به خطرو آهي، اظهر شاهه ڪلاسن ۾ اچي عجيب حرڪتون ڪري ٿو، جنهن سبب تدريسي ماحول به متاثر ٿي رهيو آهي. پرو وي سي اظهر شاهه چيو ته استاد ڊيوٽي نٿا ڪن، غير حاضر ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مون کي به استادن مان جان جو خطرو آهي.