صحافين ۽ ميڊيا جي ادارن جي مسئلن کان واقف آهيون:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت  ھيٺ اطلاعات کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات معز پيرزادو، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات سارنگ لطيف چانڊيو سميت اطلاعات کاتي جي ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي پاران صحافين ۽ ميڊيا ھائوسز جي لاءِ کنيل مختلف قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.  اجلاس دوران ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻھن کي درپيش مسئلن، سھولتن جي بھتري، معلومات جي وقت سر فراھمي ۽ اداري جاتي سھڪار کي وڌي اثرائتو بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي تحت جاري ۽ تجويز ڪريل منصوبن ڊجيٽل ميڊيا کي ھٿي وٺرائڻ، سرڪاري معلومات کي جديد ذريعن سان پھچائڻ، فلم ۽ دستاويزي فلم جي منصوبن جي سرپرستي ۽ عوام تائين حڪومتي پاليسين جي شفاف رسائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن تي به غور ڪيو ويو،شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبائي حڪومت صحافين ۽ ميڊيا جي ادارن کي درپيش مسئلن کان چڱي ريت واقف آھي ۽ اُنھن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. ھن چيو تھ آزاد، ذميوار ۽ باخبر ميڊيا جمھوريت جي بنياد آھي ۽ سنڌ حڪومت ميڊيا سان مضبوط ۽ اعتماد جوڳن لاڳاپن کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ چاھي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اطلاعات کاتي کي جديد گھرجن سان ھم آھنگ ڪيو پيو وڃي ته جيئن سرڪاري معلومات شفاف، مستند ۽ وقت سر انداز ۾ عوام تائين پھچي سگھي. ھن واضح ڪيو ته صحافين جي فلاح ۽ بھبود، ميڊيا ھائوسز جي سھولتڪاري ۽ تخليقي رٿائن جي حوصلا افزائي حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اُن موقعي تي ھدايتون جاري ڪيون ته جاري منصوبن ۾ تيزي آندي وڃي ۽ نون منصوبن کي زميني حقيقتن ۽ ميڊيا جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي حتمي شڪل ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.