ايپل طرفان فيبروري 2026 ۾ هلندڙ سال جي سڀ کان سستي آءِ فون فون 17 اي متعارف ڪرائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان فون جي قيمت به سامهون اچي وئي آهي.
بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب، ايپل طرفان نئون آءِ فون 17 اي 19 فيبروري تي متعارف ڪرائي سگهجي ٿو، هي فون گذريل سال واري آءِ فون 16 اي جي جاءِ والاريندو.
پر ان کان به وڌيڪ سٺي خبر اها آهي ته ان جي قيمت 599 ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي.
گذريل سال ايپل آءِ فون 16 اي کي به ساڳئي قيمت تي متعارف ڪرايو هو ۽ ويجهڙائي وارن مهينن ۾ ريم چپس جي کوٽ سبب امڪان هو ته آءِ فون 17 اي جي قيمت وڌائي ويندي.
ان کانسواءِ رپورٽ ۾ ڄاڻايوويو آهي ته آءِ فون 17 اي گهڻي حد تائين آءِ فون 16 اي جهڙو ئي هوندو.
ان ۾ بنيادي فرق اي 19 چِپ سيٽ جو هوندو (جڏهن ته آءِ فون 16 اي ۾ اي 18 چپ سيٽ موجود هو) ۽ ان سان گڏ ميگ سيف سپورٽ پڻ شامل ڪئي ويندي.
يعني آءِ فون 17 اي ڪا وڏي اپ گريڊ ماڊل نه هوندي ۽ ان مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته ايپل قيمت کي ڪيئن برقرار رکيو ويندو.
واضح رهي ته ايپل طرفان باظابطا طور آءِ فون 17 اي بابت ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو، تنهنڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته ڇا واقعي هي فون 19 فيبروري تي متعارف ڪرايو ويندو يا نه.