اسان اڪثر مهانگي سپر فوڊز جي ڳولا ۾ رهندا آهيون، جڏهن ته هڪ طاقتور ۽ سستي غزا هر هنڌ موجود هوندي آهي، اها آهي ڀڳڙا.
ڀڳڙا نه رڳو ذائقي ۾ سٺا هوندا آهن پر غذائيت سان ڀرپور به هوندا آهن، انهن ۾ پروٽين، فائبر، آئرن ۽ ڪاربوهائيڊريٽس موجود هوندا آهن، جيڪي جسم کي ڊگهي توانائي فراهم ڪندا آهن.
ڀڳڙن جا فائدا
پيٽ دير سان ڀريل رهندو آهي ۽ هر هر بک ناهي لڳندي
هاضمي جو نظام بهتر ٿيندو آهي
ڪمزوري جو خاتمو ٿيندو آهي
وزن ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي
جسماني طاقت لاءِ سٺو ذريعو آهن
شگر جي مريضن لاءِ به بهتر چونڊ آهن
کائڻ جو بهترين وقت
نيرن ۽ منجهند جي کاڌي جي وچ ۾: توانائي برقرار رکڻ لاءِ
شام جي وقت: جنڪ فوڊ بدران صحتمند اسنيڪ طور
ورزش کان اڳ: ٿوري مقدار ۾ جسم کي طاقت ڏيڻ لاءِ
احتياط
رات جو دير سان گهڻي مقدار ۾ کائڻ کان پاسو ڪيو، خاص طور جيڪڏهن معدو حساس هجي