جيڪڏهن توهان پنهنجي ڏندن ۽ مهارن کي مضبوط رکڻ چاهيو ٿا ته روز ٽماٽو کائو.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
Connecticut ڪاليج جي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته ٽماٽن ۾ موجود هڪ غذائي جُز لائيڪو پين سان مهارن جي سنگين مرضن جو خطرو گهٽجي ويندو آهي.
جيڪڏهن غزا ۾ مناسب مقدار ۾ لائيڪو پين موجود نه هجي ته مهارن جي مرضن جو خطرو گهڻي حد تائين وڌي ويندو آهي.
ان تحقيق ۾ 65 کان 79 سالن جي عمر جي 1227 ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن جي غذائي عادتن جو به تجزيو ڪيو ويو.
محققن موجب جيڪي ماڻهو مناسب مقدار ۾ لائيڪو پين کي استعمال ڪندا آهن، انهن ۾ مهارن جي سنگين مرضن جو خطرو گهٽجي ويندو آهي.
محققن ٻڌايو ته غذائي لائيڪو پين ڏندن ۽ مهارن جي صحت لاءِ اهم هوندو آهي، خاص طور وڏي عمر جي ماڻهن ۾ مهارن جي مرضن جو خطرو گهٽجي ويندو آهي.
پر ماهرن تسليم ڪيو ته تحقيق جي نتيجن کي مڪمل طور ٺوس قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڇو ته ان ۾ رڳو مشاهدو ڪيو ويو، لائيڪو پين ۽ مهارن جي صحت وچ ۾ تعلق کي ثابت ناهي ڪيو ويو.
You might also like