ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستاني فاسٽ بالر آمريڪي ٽيم ۾ شامل!

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پاڪستاني فاسٽ بولر احسان عادل کي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ آمريڪا جي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي احسان عادل کي يو ايس اي جي ٽيم ۾ شموليت جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
احسان عادل کي جسديپ سنگهه جي جاءِ تي آمريڪي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جسديپ سنگهه ڪُلهي جي انجري سبب ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو، هو 5 فيبروري تي نيوزيلينڊ خلاف وارم اپ ميچ دوران انجري جو شڪار ٿيو هو.
واضح رهي ته احسان عادل پاڪستان جي نمائندگي ڪندي 3 ٽيسٽ ۽ 6 ون ڊي انٽرنيشنل ميچون کيڏي چڪا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.