” هندستان جي بي عزتي ۽ پاڪستان جي سوڀ“ ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ تي ٻڙڌڪ

نئين دهلي/اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وچ ۾ معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ ڀارت ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کانسواءِ عالمي ڪرڪيٽ جو تصور اڻپورو آهي، اسان کي نه چاهڻ باوجود به انهن(پاڪستاني رانديگرن) سان هٿ ملائڻو پوندو ۽ ڀاڪر پائڻو پوندو.
ڀارتي ميڊيا جو موقف آهي ته پاڪستان جي سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ پاليسي ذريعي بنگلاديش کي به ڪاميابي ملي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪمزور هوندي پنهنجا مطالبا مڃائي ورتا،جيڪا ڀارت جي بي عزتي آهي.
ان کانسواءِ رپورٽ ۾پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف طرفان ايشيا ڪپ 2025 ۾ پاڪ-ڀارت ميچ دوران تماشائين طرفان چيڙائڻ تي ڪيل ” 6.0 “ وارن اشارن جو حوالو به ڏنو آهي.
واضح رهي ته حڪومت پاڪستان قومي ٽيم کي 15 فيبروري تي ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.