اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نئين سولر نيٽ ميٽرنگ ريگيوليشنز کانپوءِ پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي به فڪسڊ چارجز لاڳو ڪرڻ جي تجويز سامهون اچي وئي.
نيپرا ۾ بجلي جي نئين ٽيرف لاءِ پاور ڊويزن جي درخواست تي چيئرمين نيپرا وسيم مختار جي صدارت هيٺ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نئين ٽيرف ۾ پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ فڪسڊ چارجز تجويز ڪيا ويا جڏهن ته ڪراس سبسڊي کي گهٽائڻ جي تجويز به پيش ڪئي وئي.
ماهوار 300 يونٽ تائين گهريلو واهپيدارن تي فڪسڊ چارجز لڳائڻ جي تجويز تي پاور پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ ڪمپني جي اختيارين طرفان نيپرا کي چيو ويو ته فڪسڊ چارجز ٻنهي پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي لاڳو ڪيا وڃن.
نيپرا کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پهريان ۾ رڳو 300 يونٽ کان وڌيڪ استعمال ڪندڙ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي فڪسڊ چارجز لاڳو آهن، ماهوار 100 يونٽ استعمال ڪندڙ پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 200 رپيا فڪسڊ چارجز جي تجويز آهي جڏهن ته ماهوار 200 يونٽ جي پروٽيڪٽڊ گهريلو واهپيدارن تي 300 رپيا ماهوار فڪسڊ چارجز جي تجويز آهي.
اختيارين طرفان آگاهه ڪيو ويو ته 100 يونٽ تائين وارن نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 275 رپيا ماهوار فڪسڊ چارجز جي تجويز آهي جڏهن ته ماهوار 200 يونٽ تائين جي نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 300 رپيا فڪسڊ چارجز جي تجويز آهي.
300 يونٽ تائين استعمال ڪندڙ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي 350 رپيا فڪسڊ چارجز جي تجويز آهي جڏهن ته 301 کان 400 يونٽ جا نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي فڪسڊ چارجز 400 رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.
نيپرا کي اها تجويز به ڏني وئي ته 401 کان 500 يونٽ وارن نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جا فڪسڊ چارجز 500 رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي جڏهن ته 600 يونٽ استعمال ڪرڻ تي فڪسڊ چارجز 75 رپيا واڌ سان 675 رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 700 تائين يونٽ استعمال ڪرڻ تي فڪسڊ چارجز 125 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 675 رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي جڏهن ته 700 يونٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪرڻ تي فڪسڊ چارجز 325 رپيا گهٽائي 675 رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.