دهشت گردي بابت خطي جي ملڪن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن:محمود اچڪزئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته دهشت گردي ۽ خودڪش حملن بابت صرف خطي جي ملڪن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته هن وقت سنڌو درياءَ  جي ٻئي پاسي پشتون ۽ بلوچ علائقن ۾ ڇڪتاڻ آهي، هن دهشتگردي سان لاڳاپيل مسئلا پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته مون ٻڌو آهي ته داعش اسلام آباد حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي، دهشتگردي تڏهن شروع ٿي جڏهن هتان روس خلاف افغانستان ۾ بين الاقوامي گروپن جي حمايت ڪئي. محمود خان اچڪزئي چيو ته افغانستان واحد جنگ آهي جنهن ۾ سڄي دنيا شامل ٿي آهي، هن وقت ايران جي بهاني اسان جي علائقي کي جنگ ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته گڏيل قومن کي پاڪستان، افغانستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي گڏيل ڪانفرنس سڏائڻ گهرجي، افغانستان کي دنيا جي ملڪن جي سامهون ويهارڻ گهرجي ۽ ان کان سوال پڇڻ گهرجن ته جيئن هو جواب ڏئي. محمود خان اچڪزئي چيو ته سلامتي ڪائونسل جا ملڪ مضبوط آهن، اجلاس سڏائي علائقائي امن لاءِ ڳالهيون ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.