ڀاٽي گيٽ سانحي تي مريم نواز جو ”احتساب“ڊرامو وائکو؟

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته مريم نواز جي وزيراعليٰ ٿيڻ کانپوءِ پنجاب ۾ 14 ماڻهو  گٽرن ۾ ڪري فوت ٿيا آهن،اڪثريت ٻارن جي آهي،ڀاٽي گيٽ واقعي تي پنجاب حڪومت جو ڊرامو بي نقاب ٿي ويو،سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته جيستائين سزا ۽ جزا جو نظام قائم نه ٿيندو پاڪستان ائين ئي هلندو،توهان گهٽ ۾ گهٽ 500 سياستدانن ڀلي انهن مان ڪي مري ويا هجن،قبرن مان به ڪڍي نشان عبرت بڻايو،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀلي ان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي منظور نظر سياستدانن کي به سزائون ڏيو،عدالتي نظام ۾ به گڙبڙ ڪندڙ ججن کي سزائون ڏيو،500 سياستدانن جو احتساب نه انهن کي روڊ تي بيهاري گوليون هڻو،پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ عامر ڊوگر چيو ته ڀاٽي گيٽ واقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ گرفتارين جو ڊرامو ڪيو،سسٽم ڏاڍو مضبوط آهي ان ۾ رڳو سياستدان ناهن،ڪاموراشاهي ۽ اشرافيه به شامل آهي،هائوس آف شريف به ان مافيا جو حصو آهي،هن چيو ته ڀاٽي گيٽ واقعي تي ايترو وڏو ڊرامو ڪري وري جوابدارن کي آزاد ڪرڻ انصاف جي نظام تي چماٽ آهي،اها خواري پنجاب حڪومت يا اشرافيه جي نه پر عام ماڻهو جي آهي،وڏا ماڻهو ته عدالتن مان به ڇٽي ويندا آهن،پلي بارگين به ڪري ويندا آهن،ڪيس ٿين ته ٻاهرين ملڪ به هليا ويندا آهن،هن چيو ته عام ماڻهو هن نظام کان تنگ ٿي چڪو آهي

لاهور ۾ گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل ماءُ ۽ ڌيءُ جو ملهه هڪ ڪروڙ ڏهه لک

لاهور (بيورو رپورٽ) پنجاب صوبي جي گاديءَ واري شهر لاهور جي ڀاٽي گيٽ واري علائقي ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ جي مين هول ۾ ڪري پوڻ  ۽ فوت ٿيڻ جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. موت جي ڪيس ۾ پنجن جوابدارن جو متاثر خاندان سان ٺاهه ٿي ويو آهي، حڪومت پاران متاثرن جو هڪ ڪروڙ ڏهه لک رپيا معاوضو  مقرر ڪيو هو. عدالت ان حوالي سان داخل ڪيس ۾ گرفتار پنجن جوابدارن کي ٺاهه جي بنياد تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان حوالي سان جوڊيشل مئجسٽريٽ شفقت عباس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٺاهه جي بنياد تي جوابدارن جي ضمانت جون درخواستون منظور ڪيون. ان حوالي سان، مدعي عدالت ۾ چيو ته اسان جوابدارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي نٿا ڪرڻ چاهيون، اسان کي ملزم کي ڪيس مان بري ڪرڻ يا خارج ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي.فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي پنهنجي شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ چيو ته ٽيپا انتظاميا واقعي بابت غلط شروعاتي رپورٽ ڏني ۽ غلط طور تي بريفنگ ڏني وئي. ڪجهه وڊيوز ۽ مڙس جو بيان ٻڌڻ کان پوءِ، آپريشن ٻيهر شروع ڪيو ويو. ٻيهر آپريشن دوران، عورت سعديه جو لاش مليو ۽ مسلسل آپريشن کان پوءِ، نوجوان ڇوڪري ردا فاطمه جو لاش پڻ مليو. ڊي جي ايل ڊي اي داتا دربار منصوبي تي ڪم ڪندڙ پوري ٽيم کي معطل ڪري ڇڏيو. معطل آفيسرن ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ سب انجنيئر شامل آهن. ٺيڪيدار خلاف فوري طور تي ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.