ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن سبب عورت سوڌو 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، ڊمپرن ٽن نوجوانن کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ پنجاب بس اڏي ويجهو هڪ ڊمپر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، مقامي پوليس موجب ڊمپر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر سبب 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، جن ۾ ڪامران ۽ امان شامل آهن، پوليس ٻڌايو ته فوتين جي وارثن موجب امان شادي هال ۾ ويٽر طور ڪم ڪندو هو، جڏهن ته ڪامران شادي هال ۾ ڪم ڪندڙ ويٽرن جو سپروائيزر هو، پوليس موجب ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو، گڏاپ سٽي ٿاڻي جي حدن ۾ سپر هاءِ وي تي بقائي پل چشتيه هوٽل ڀرسان ٽريفڪ حادثي ۾ موٽر سائيڪل سوار شخص فوت ٿي ويو، فوتي شخص جي سڃاڻپ 42 ورهين جي رميز اختر حسين ولد اختر حسين جي نالي سان ٿي، گلشن معمار جو رهواسي هو ۽ ملير ڪينٽ ڀرسان واقع نجي بينڪ جو مئنيجر هو، پوليس موجب رميز جي موٽرسائيڪل کي تيز رفتار گاڏي ٽڪر هنيو، هو روڊ تي ڪري پيو، پٺيان ايندڙ ٻي گاڏي کيس لتاڙي ڇڏيو ۽ هو فوت ٿي ويو، ٻنهي گاڏين جا ڊرائيور فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڪورنگي ويٽا چوڪ، اٽڪ پمپ ڀرسان نامعلوم گاڏي جي ٽڪر سبب هڪ واٽهڙو پيرسن عورت فوت ٿي وئي، سندس سڃاڻپ 70 ورهين جي عائشا جي نالي سان ٿي، گلشن حديد ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ زخمي نوجوان فوت ٿي ويو، احسن آباد ۾ به پيٽرول ويجهو حادثي ۾ زخمي ٿيل پيرسن شخص فوت ٿي ويو.