پ پ جي ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني سبب نئين صوبي جون ڳالهيون پيون ٿين:مفتاح اسماعيل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)عوام پاڪستان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل ٽوئيٽر تي لاڙڪاڻي جي کليل گٽرن جي تصوير شيئر ڪندي لکيو آهي ته منهنجي انهن دوستن لاءِ جيڪي ڪراچي ۾ اهو سمجهن ٿا ته پ پ ڄاڻي واڻي ڪراچي کي نظرانداز ڪري ٿي،مهرباني ڪري لاڙڪاڻي جي هي تصوير به ڏسي وٺو،هي اهو ئي شهر آهي جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو اباڻو شهر آهي،هن لکيو ته ڳالهه جڏهن شهري سهولتن ۽ بنيادي خدمتون فراهم ڪرڻ جي اچٿي ته نااهلي ۽ غفلت پوري صوبي ۾ هڪ جهڙي نظر اچي ٿي،رڳو ڪراچي تائين محدود ناهي،هن چيو ته اڄ جيڪڏهن ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ان جو وڏو سبب پ پ جي بدانتظامي،ڪرپشن،نوڪرين ۾ امتيازي سلوڪ ۽ گورننس جي ناڪامي آهي،ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پوري صوبي ۾ بهتر حڪمراني،بااختيار ۽ منصفاڻي طريقي سان مڪاني حڪومتن جو مطالبو ڪريون،جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته  پوءِ شايد پاڪستان ۾ وڌيڪ ننڍن صوبن يا انتظامي يونٽن جي قيام کانسواءِ ڪو چارو باقي نه رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.