ڇا ائيرپلين موڊ تي فون جي بيٽري تيزيءَ سان چارج ٿئي ٿي ؟ حقيقت ڄاڻيو

هاڻوڪي دور جا سمارٽ فون اڻ ڳڻين فيچرز سان ليس آهن، جنهن سبب انهن ۾ گهڻي ڀاڱي 4 هزار يا 5 هزار ايم اي ايڇ جون وڏيون بيٽريون استعمال ڪيون وڃن ٿيون.
عام طور تي اهي بيٽريون سڄو ڏينهن فونز زنده رکي سگهن ٿيون، پر انهن کي مڪمل طور تي چارج ڪرڻ لاءِ وقت گهربل هوندو آهي.
ڀلي فاسٽ چارجنگ ٽيڪنالاجي ڪيتري به سهولت فراهم ڪري، پر ان باوجود فون ڪجهه وقت لاءِ چارجنگ تي لڳائڻي پئي ٿي.
پر هاڻي ڪمپنيون فون وڪڻڻ ۽ ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اهڙا پرڪشش جملا استعمال ڪن ٿيون ته ” فلاڻي فون 0 کان 80 سيڪڙو تائين رڳو 30 منٽن ۾ چارج ٿئي ٿي.“
سولن لفظن ۾ سمارٽ فون جي چارجنگ ٽائمنگ کي ڊوائيسز جي وڪري لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن ڪمپنين طرفان تجويز ڪيل هدايتن تي عمل ڪيو وڃي ته فون جي بيٽري لائف ڊگهي عرصي تائين برقرار رهي سگهي ٿي ۽ فونز به جلدي چارج ٿي وڃن ٿيون.
ان باوجود هڪ طريقو جيڪو ڪيئي واهپيدار فون کي تيزي سان چارج ڪرڻ لاءِ آزمائين ٿا، اهو آهي ڊوائيس کي ائيرپلين موڊ تي رکي چارج ڪرڻ.
ان جي پويان سادو منطق آهي، جڏهن سمارٽ فون جا سيليولر ريڊيو ۽ واءِ فاءِ اينٽيناز بند ڪيا ويندا آهن ته چارجنگ جي رفتار ٿوري تيز ٿي ويندي آهي.
پر سوال اهو آهي ته ڇا اِهو تاثر واقعي درست آهي؟ يعني ڇا فون عام موڊ جي ڀيٽ ۾ تمام تيزي ٿئي ٿي ؟
ان جو جواب سادو نه پر ٿورو مُنجهيل آهي.
ٽيڪنيڪي طور تي ائيرپلين موڊ تي فون واقعي ڪجهه تيزيءَ سان چارج ٿيندي آهي، پر اهو فرق تمام گهڻو نمايان ناهي، يا ائين کڻي چئجي ته ائيرپلين موڊ ۽ عام موڊ ۾ چارجنگ ٽائمنگ جو فرق معمولي هوندو آهي.
مثال طور جيڪڏهن ائيرپلين موڊ تي ڪائي فون 0 کان 100 سيڪڙو تائين 1 ڪلاڪ 2 منٽن ۾ چارج ٿئي ٿي ته موبائل ڊيٽا ۽ واءِ فاءِ آن هئڻ جي صورت ۾ ساڳي فون اٽڪل 1 ڪلاڪ 9 منٽن ۾ چارج ٿيندي.
يعني رڳو 6 کان 7 منٽن جو فرق پوي ٿو ۽ عام طور تي مختلف سمارٽ فون ماڊلز ۾ اهو فرق 4 کان 7 منٽن جي وچ ۾ ئي هوندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.