ممبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پنجين ميچ ۾ ٻه ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ انگلينڊ سخت مقابلي کانپوءِ نيپال کي چئن رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پر نيپالي ڪرڪيٽرن جي ميدان تي مزاحمت ڏسي ڪرڪيٽ شوقينن سميت اڳوڻن اسٽارز جون دليون کٽي ورتيون.
ممبئي جي وانکيڙي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيل ميچ ۾ انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسون ٺاهيون.
هدف پٺيان ڊوڙندي نيپال جي ٽيم به ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ انگلش ٽيم جا پگهر ڪڍي ڇڏيا.
نيپالي ٽيم 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهي سگهي.
آخري اوور ۾ نيپال کي 10 رنسون گهربل هيون، پر انگلش بالر سيم ڪُرن بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ نيپال جي ٽيم آخري اوور ۾ رڳو 5 رنسون ٺاهي سگهي.
نيپال طرفان بهترين مقابلي کانپوءِ اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ڊيل اسٽين پنهنجون خدمتون نيپالي ٽيم کي پيش ڪري ڇڏيون.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڊيل اسٽين لکيو ته ”جيڪڏهن نيپال کي ڪڏهن به ضرورت پئي ته مان پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
ڊيل اسٽين کانسواءِ ٻين ملڪن جي اڳوڻن ڪرڪيٽرن به نيپالي ٽيم جي واکاڻ ڪئي.
اڳوڻي ڀارتي آل رائونڊر يووراج سنگهه نيپال کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي لکيو ته ”توهان دنيا جي بهترين ٽيمن مان هڪ خلاف ڄمي بيٺا ۽ آخري بال تائين مقابلو جاري رکيو ۽ ثابت ڪري ڇڏيو ته يقين ۽ همت سان ڪجهه به ڪري سگهجي ٿو.“
اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان به ايڪس تي لکيو ته ”ڇا ته شاندار ميچ ٿي آهي، اهڙا ئي مقابلا ڪرڪيٽ کي دلين جي ويجهو آڻين ٿا، نيپال جي رانديگرن غير معمولي مهارت جو مظاهرو ڪيو.“