موڊيز پاڪستان جي بينڪنگ سيڪٽر جو آئوٽ لڪ مستحڪم قرار ڏئي ڇڏيو

عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي موڊيز پاڪستان جي بينڪنگ سيڪٽر جو آئوٽ لڪ هاڪاري مان مستحڪم ڪري ڇڏيو.
موڊيز جي آئوٽ لڪ رپورٽ موجب پاڪستان جي معاشي حالتن ۾ بهتري اچي رهي آهي پر معاشي بحالي جي رفتار هاڻ به سست آهي، جڏهن ته ايندڙ 12 کان 18 مهينن دوران بينڪن جي ڪارڪردگي مستحڪم رهڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ وياج جي شرح ۽ ڪريڊٽ رسڪ جو دٻاءُ برقرار آهي، حڪومتي مالي مسئلا بينڪنگ سيڪٽر لاءِ وڏو چيلينج آهن.
ريٽنگ ايجنسي موجب توڙي جو مجموعي معاشي صورتحال ۾ بهتري جا آثار موجود آهن پر بينڪن کي پيش خطرا مڪمل طور ختم ناهن ٿيا.
موڊيز 2026 ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي اوسر 3.5 سيڪڙو رهڻ جو اندازو لڳايو آهي پر رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ٻاهرين فنانسنگ ۽ مهانگائي بابت خدشا موجود آهن، جڏهن ته پاليسي تي عملدرآمد سان جڙيل خطرا به بينڪنگ سيڪٽر جي آئوٽ لڪ تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.