ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ستين ميچ ۾ اسڪاٽلينڊ اٽلي کي 71 رنسن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز ۾ کيڏيل گروپ سي جي ميچ ۾ اٽلي ٽاس کٽي اسڪاٽلينڊ خلاف پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.
پهريان کيڏندي اسڪاٽلينڊ مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنسون ٺاهيون، اسڪاٽلينڊ جي جارج مونسي 84 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته مائيڪل ليسڪ پنج بالن تي تيز 22 رنسون اسڪور ڪيون.
اٽلي طرفان علي حسن، گرانٽ اسٽيورٽ، ٿامس ڊراڪا ۽ جي جي اسموٽس هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
اسڪاٽلينڊ جي208 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي اٽلي جي ٽيم 134 رنسن تي ڍير ٿي وئي، بين ميناٽي 52 ۽ هيري ميناٽي 37 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
اسڪاٽلينڊ طرفان مائيڪل ليسڪ 4 ۽ مارڪ واٽ 2 وڪيٽون ورتيون.
شاندار آل رائونڊر ڪارڪردگي تي مائيڪل ليسڪ کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.