راجپال يادَو تِهاڙ جيل منتقل، چيڪ بائونس معاملو ڇا آهي؟

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ( بالي ووڊ جي مشهور مزاحيه ۽ اداڪار راج پال يادَو کي تهاڙ جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
تهاڙ جيل جي عملدارن ۽ قانوني ماهرن وضاحت ڪئي آهي ته اداڪار جي مستقبل ۾ آزادي رهتن جي ادائيگي سان مشروط هوندي.
چيڪ بائونس جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ سزا يافته بالي ووڊ اداڪار کي وڌيڪ مهلت ڏيڻ کان انڪار بعد تهاڙ جيل ۾ سرينڊر ڪرڻو پيو هو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، راج پال يادو خميس ڏينهن ٻيهر دهلي جي تهاڙ جيل جي عملدارن آڏو پاڻ کي قانون جي حوالي ڪيو.
دهلي هاءِ ڪورٽ سندس اها درخواست رد ڪئي هئي جنهن ۾ هن سزا معطلي تحت ڏنل پاڻ حوالگي جي مدي ۾ وڌيڪ هڪ هفتي جي واڌ جي اپيل ڪئي هئي.
عدالت واضح ڪيو ته اداڪار کي پهريان ئي ڪيترائي موقعا ڏنا ويا آهن ۽ هاڻي وڌيڪ نرمي جي ڪا به گنجائش ناهي.
واضح رهي ته سال 2010 ۾ راج پال يادو ۽ سندس گهرواري تي فلم” اتا پتا لاپتا“ جي تياري لاءِ مورالي پروجيڪٽ کان 5 ڪروڙ رپيا قرض وٺڻ جو الزام لڳو هو.
ڪمپني موجب، اداڪار 8 ڪروڙ رپيا واپس ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي، پر بعد ۾ اِها رقم 7 ڪروڙ رپيا طئي ٿي، پر ان جي ادائيگي لاءِ جاري ڪيل ست چيڪ بائونس ٿيا جنهن کانپوءِ اداڪار خلاف فوجداري ڪيس داخل ٿيا.
عدالتي رڪارڊ موجب، 7 مختلف ڪيسن ۾ راج پال يادو کي هر ڪيس ۾ 1.35 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.