لاهور (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل حڪومتي قدمن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ويس، پارليامينٽ ۾ تقريرون ڪيون ۽ سيمينارن ۾ تجويزون ڏنيون پر ان جي بدلي ۾ اسان کي غدار چيو ويو، جڏهن ته ملڪ ٽوڙيندڙن کي ڪا به سزا نه ڏني وئي.
لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن خلاف اڄ احتجاج ٿي رهيو آهي ۽ انهن ئي 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ بلوچستان ۾ توهان هٿرادو قيادت ٺاهي.
هن چيو ته موجوده حالتن ۾ احتجاج يا ختلاف راءِ جي قيمت تمام ڳري ٿي چڪي آهي، جتي هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ تي ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي کي ڊگهي قيد جي سزا ٻڌائي ويندي آهي، جڏهن ته سنگين قدم کڻندڙن کي ڪا سزا ناهي ملندي.
سردار اختر مينگل چيو ته مون وٽ بلوچستان جي مسئلي جي حل لاءِ هاڻي ڪا به تجويز ناهي، سپريم ڪورٽ ويس، پارليامينٽ ۾ تقريرون ڪيون ۽ سيمينارن ۾ تجويزون ڏنيون پر ان جي بدلي ۾ اسان کي غدار چيو ويو، تنهنڪري هاڻي مون وٽ ان جو ڪو حل ناهي.
هن خبردار ڪيو ته بلوچستان هاڻ نازڪ موڙ (پوائنٽ آف نو ريٽرن) تائين پهچي چڪو آهي ۽ ان صورتحال جي مڪمل ذميواري رياست تي لاڳو ٿئي ٿي، ماضي جا خطرناڪ نعرن جي گونج هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڌي پئي وڃي.
آواز اٿارڻ تي اسان کي غدار چيو ويو، ملڪ ٽوڙيندڙن کي ڪا سزا نه ڏني وئي: سردار اختر مينگل
You might also like