ڪبوتر مهانگي سوني چين کڻي اُڏي ويو، دڪاندار کي ولهوٽا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست راجسٿان ۾ هڪ انوکي واقعي سونارا مارڪيٽ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، جتي هڪ ڪبوتر زيورن جي دڪان تان تقريبن هڪ لک رپيا ماليت جي سوني چين کڻي اُڏي ويو.
اهو واقعو ڊيگانا جي مقامي بلين مارڪيٽ ۾ پيش آيو، جتي هڪ جيولري شاپ جي مٿين ماڙ تي ڪاريگر سونا زيور تيار ڪرڻ ۾ مصروف هو.
واپارين موجب اوچتو هڪ ڪبوتر اتي آيو ۽ نئين تيار ڪيل سون جي چين چُهنب ۾ وجهي اُڏي ويو، جنهن تي دڪاندار ۽ عملو پريشان ٿي ويو.
ڪبوتر مارڪيٽ جي عمارت جي ڇت تي وڃي ويٺو ۽ ڪجهه منٽن تائين اتي ئي ويٺو رهيو، ان دوران واپاري ۽ واٽهڙو بيچيني سان ان جي چرپر ڏسندا رهيا ته جيئن چين کي حفاظت سان واپس ڪري سگهجي.
پوءِ چين ڪبوتر جي چهنب مان نڪري ڇت تي ڪري پئي، جنهن کي حفاظت سان کنيو ويو.
واپارين تصديق ڪئي ته سون جي چين مڪمل طور محفوظ حالت ۾ ملي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.