نيپال جي ڀرپور مزاحمت، انگلينڊ دلچسپ مقابلي بعد 4 رنسن تان ڪامياب

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پنجين ميچ ۾ انگلينڊ سخت مقابلي کانپوءِ نيپال کي 4 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ممبئي ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسون ٺاهيون.
جيڪب بيٿل 55 ۽ هيري بروڪ 53 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا، نيپال جي ديپندرا سنگهه ۽ نندن ياديو 2-2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ نيپال جي ٽيم سخت مقابلو ڪيو ۽ آخري بال تائين انگلينڊ کي سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو.
نيپال جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون، آخري اوور ۾ نيپال کي 10 رنسون گهربل هيون پر سيم ڪرن بهترين بالنگ ڪندي رڳو 5 رنسون ڏنيون.
نيپال طرفان ديپندرا سنگهه 44، روهت ۽ لوڪيش 39-39 رنسن جي اننگز کيڏي.
انگلينڊ طرفان ليام ڊاسن 2، سيم ڪرم، جوفرا آرچر ۽ ليوڪ ووڊ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.