ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته مون کي نٿو لڳي شهباز شريف 2027 تائين وزيراعظم رهندو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت هڪڙو هڪ به بل پاس ناهي ڪيو، جيڪو عوام جي حق ۾ هجي، پاڪستان ان ڪري ڦاٿل آهي، ڇو ته سياسي ڍانچو درست ناهي.
هن چيو ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڪا گنجائش ناهي، ايم ڪيو ايم شهر کي ٻوري بند لاشن کانسواءِ ڇا ڏنو آهي؟
سندس چوڻ هو منهنجي خواهش آهي ته اثرائتو مڪاني نظام هجي، مڪاني ادارا مضبوط ڪرڻ جو اثرائتو نظام ناهي ته نوان صوبا ٺاهي ڇڏيو.
مفتاح اسماعيل چيو ته ٻه ڪروڙ کان مٿي ٻار اسڪول نٿا وڃن، وسيلن جي کوٽ آهي، آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پاڪستان اڳتي نٿو وڌي سگهي.
You might also like