جهرڪ(رپورٽ غلام مرتضيٰ سومرو) جھرڪ ڀرسان ٻيلو ڪيٽي کوسا ۾ ھڪ ھفتو اڳ غربت ۽ گھريلو پريشانين سبب سڳي پيءَ الله رکيو کوسو ھٿان ڪھاڙي جا وار ڪري ٻن معصوم نياڻين زيني شان ۽ زال مکي کي قتل ڪرڻ واري افسوسناڪ واقعي ۾ زخمي ٿيل چئن معصوم ٻاڙرن نجيب الدين، رضيا نازيا ۽ ثريا جيڪي ٽراما سينٽر ڪراچي ۾ علاج هيٺ آھن ھنن معصوم ٻارڙن جي درد ڪٿا ڪوبه ٻڌڻ وارو ڪير ڪونهي. ٻيلو ڪيٽي کوسا ڪچي جي زمينن تي مزدوري ڪندڙ سندن پيء الله رکيو کوسو ٻن معصوم نياڻين ۽ زال کي قتل ۽ چار معصوم ٻارڙن کي زخمي ڪري پاڻ وڃي مڻين مٽي ھيٺان ستو پر ٽراما سينٽر ڪراچي ۾ لاوارث حالت ۾ علاج هيٺ چئن معصوم يتيم ٻارڙن جو ھيڏي ڀري دنيا ۾ ڪير به ناهي جيڪي سندن دردن جو درمان ڪري سگھي. اڃان تائين سندن نه سنڌ حڪومت نه ڪنهن چونڊيل نمائندي ۽ نه وري ڪنهن خدا ترس سرندي واري سار لڌي آھي. انسانيت جو درد رکندڙ سڄاڻ حلقن ۽ سول سوسائيٽي سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي آھي ته ڪيٽي کوسا واقعي ۾ زخمي ٿيل چار معصوم ڀاءُ ڀيڻين جي ترت واھر ڪري سندن بھتر کان بھتر علاج، مالي مدد ۽ تعليم جو بندوبست ڪيو وڃي. ٺٽي ضلعي ۾ وڏي تعداد ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي ڪنهن عملدار جي دل ۾ به ھنن يتيم معصوم ٻارڙن جو درد محسوس ڪونه ڪيو ويو آھي جو وڃي سندن مالي مدد ڪن .