اوٻاوڙو(عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو مريد شاخ لڳ ڳوٺ ڪونڊريوالو جا رهواسي مزدوري سانگي ويل چار مسڪين نوجوان پورھيت بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ دهشتگردن جي هٿان بي دردي سان قتل ٿي ويا. فوتيمريد شاخ لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڪنڊريوالا جا رھواسي آھن جيڪي روزگار جي تلاش ۾ پشين ويا هئا ۽ اتي محنت مزدوري ڪري پنهنجي گهرڀاتين جو پيٽ پاليندا هئا جتي نامعلوم هٿياربند دهشتگردن ڪم دوران پورهيتن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ چارئي ڄڻا موقعي تي ئي قتل ٿي ويا. مارجي ويلن ۾ سجاد احمد ڪامران عباس ۽ شھزادو ڪونڊري شامل آهن،فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد علائقي جي اسپتال منتقل ڪيا ويا. ٻئي پاسي واقعي جي خبر ملندي ئي ڳوٺ ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، جڏھن ته چئن مقتول نوجوانن جا لاش گھر پھچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.