پنجاب ۽ خيبرپختونخوا وچ ۾ ”شعور“ تي دلچسپ بحث

اسلام آباد(طلعت حسين)سياست هن وقت پنهنجي عروج تي آهي۔ خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جي حڪومتن جي وچ ۾ توهان کي صاف ٽڪراءُ نظر اچي ٿو۔ خيبر پختونخوا جي حڪومت طرفان پنجاب حڪومت تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي۔ اهي ڪيترائي معاملا ان ڏينهن کان شروع ٿيا، 8 فيبروري تي ڇا ٿيندو؟ ان بابت ڪنهن کي خبر ناهي، تحريڪ جي شروعات چارئي صوبن مان ٿيندي، پر بنيادي صوبو پنجاب چونڊيو ويو آهي۔ ڪالهه مريم نواز ڏکڻ پنجاب وئي، ۽ اتي بيهي خاص نشانو بڻائي خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ ۽ انهن جي حڪومتي نظام تي سخت تنقيد ڪئي۔ هن چيو ته خيبر پختونخوا ۾ جڏهن ماڻهو پنهنجي حڪومت کان سستي ماني جو مطالبو ڪن ٿا ته کين جواب ملي ٿو ته “اسان توهان کي شعور ڏنو آهي۔ ”هوءَ چوي ٿي ته مون کي ٻڌايو، ڇا شعور سان ڪنهن جو پيٽ ڀري سگهجي ٿو؟ ڇا شعور سان ڪنهن ٻار جي فيس ادا ٿي سگهي ٿي؟ ڇا شعور تي ويهي ڪاليج وڃي سگهجي ٿو؟ شعور تي ويهي روزگار ملي سگهي ٿو؟ ڇا شعور تي هلندي اسپتال وڃي سگهجي ٿو؟ دوائن جي جاءِ تي ماڻهو شعور کائيندا؟ ڇا شعور ڪمائي جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو؟ شعور واري بحث جي شروعات خيبر پختونخوا اندر ان نينگري جي سوال کان ٿي، جنهن پڇيو هو ته اسان جو صوبو پوئتي ڇو آهي، ۽ جعلي حڪومتون صوبا ڪيئن هلائي رهيون آهن، جڏهن ته “اصل” حڪومتون صوبا ڇو نٿيون هلائي سگهن؟ ان تي خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ چيو ته هڪ ته شايد توهان جو واسطو اي اين پي سان آهي، ٻيو ته اسان توهان کي شعور ڏنو آهي۔ هاڻي بحث اها ناهي ته مريم نواز ڪيئن نشانو بڻائي تنقيد ڪري رهي آهي، يا ان جي جواب ۾ خيبر پختونخوا ڇا چئي رهيو آهي۔ اصل ۾ “شعور” جي بحث تمام دلچسپ آهي۔ اهو ڪيئن طئي ڪجي ته توهان وٽ واقعي شعور آهي؟ جيڪڏهن عمل ئي غلط هجن، ته شعور جو فائدو ڇا؟ ان صورت ۾ هڪ ئي دستاويز بچي ٿو، جنهن ۾ اهو طئي ٿيل آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ حڪومت جو شهرين سان ڪهڙو رشتو هجڻ گهرجي۔ اهو دستاويز پاڪستان جو آءِن آهي۔ آءِن ٻڌائي ٿو ته حڪومت رياستي وسيلن کي استعمال ڪندي شهرين سان ڪهڙي قسم جو ناتو قائم ڪري، ۽ ڪهڙن بنيادن تي ان جي پرک ٿيندي۔ جيڪڏهن توهان پاڪستان جي آءِن جو چيپٽر ون، پارٽ ٽو کڻي آرٽيڪل 8 کان 28 تائين پڙهو (اردو ۽ انگريزي ٻنهي ۾ موجود آهي)، ته توهان کي خبر پوندي ته بنيادي حق ڪهڙا آهن، جن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي۔ شهرين جو سڀ کان وڏو حق آهي جان ۽ مال جو تحفظ۔ ماڻهن کي تحفظ مُهيا ڪرڻ بنيادي حقن مان هڪ آهي۔ ان کان علاوه برابري، ڳالههائڻ جو حق، فيئر ٽرائل، گڏ ٿيڻ جو حق، مذهبي آزادي، معلومات حاصل ڪرڻ جو حق، تعليم جو حق اهي سڀ بنيادي حق آهن، جن جي ذميواري رياست تي آهي۔ هر ٻار کي تعليم ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي۔ ڪنهن کان زبردستي بيگار وٺڻ منع آهي۔ انهن سڀني حقن مان ڪنهن به هنڌ “شعور جو حق” لکيل ناهي۔ ان جو مطلب اهو ناهي ته شعور غير ضروري آهي، پر اهو ته جيڪڏهن حڪومت بنيادي حق مهيا ڪري، ته شعور پاڻمرادو پيدا ٿيندو۔ هاڻي سوال اهو آهي ته ڪيتريون حڪومتون اهي حق ماڻهن کي ڏئي سگهيون آهن؟ جيڪڏهن ڪو شهري حڪومت کان پڇي ته مون کي تحفظ، روزگار جا موقعا، مال جي حفاظت، ترقي جا رستا ۽ انفراسٽرڪچر ڇو نه مليا؟ ۽ جواب ۾ چيو وڃي ته “اسان توهان کي شعور ڏنو آهي”، ته اهو نه آءِن سان لاڳاپيل آهي، نه شهرين جي حقن سان، نه حڪومت جي ذميوارين سان۔ تنهنڪري فضول بحثن ۾ پوڻ بدران سڌو سوال اهو هجڻ گهرجي ته جيڪي آءِني ذميواريون هيون، ڇا اهي پوريون ڪيون ويون آهن يا نه؟ اهڙي طرح شعور واري بحث پاڻمرادو ختم ٿي ويندي۔ ٻيو نڪتو اهو آهي ته شعور جو تعلق عملن سان هوندو آهي۔ جيڪڏهن ڳالههيون آسمان سان ٿين ۽ عمل گٽرن ۾ هجن، ته پوءِ اهڙو شعور ڪهڙي ڪم جو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.