آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اڄ عمان ۾ ڳالهيون رٿيل

واشنگٽن/تهران(عوامي آواز نيوز) وائٽ هائوس اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جوهري پروگرام تي ڳالهين لاءِ ملاقات جمعي تي سلطنت عمان ۾ ٿيڻ واري آهي،.ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي به اڳ ۾ تصديق ڪري چڪو آهي ته ايران جي جوهري پروگرام تي ڳالهين لاءِ وقت ۽ نئون هنڌ طئي ڪيو ويو آهي.خبرن موجب، ايران سان لاڳاپيل تازي ڇڪتاڻ دوران، گذريل ڏينهن آمريڪي فضائي فوج جو ٽيون E-11A جهاز يونان جي ٻيٽ ڪريٽ تي خانيا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اڏامي، تقريباً چار ڪلاڪن بعد سعودي عرب جي پرنس سلطان ايئر بيس پهتو.ايران ۽ آمريڪا ڳالهين جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته ايراني ميڊيا رپورٽ ڏني آهي  ته ڳالهين جو دائرو صرف جوهري پروگرام ۽ پابندين جي خاتمي تائين محدود رهندو،ٻئي پاسي ايران جي پاسداران انقلاب خيليجي پاڻيءَ ۾ ٻن آئل ٽينڪرن کي ضبط ڪيو آهي، جن تي 10 لک کان وڌيڪ ليٽر اسمگل ٿيل ايندھن مليو ۽ 15 غير ملڪي عملو حراست ۾ ورتو ويو.هي ڪارروائي تازي عالمي ۽ علائقائي ڇڪتاڻ دوران، واشنگٽن جي بحري فوج جي تعيناتي کان پوءِ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.