ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا امر خان کي ڀارتي اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ کان متاثر ٿي رقص ڪرڻ مهانگو پئجي ويو.
ادڪارا جو رقص سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدارن طرفان امر خان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي امر خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ جي مشهور گاني ” چولي ڪي پيڇي ڪيا هي“ تي رقص ڪري رهي آهي.
وائرل وڊيو ۾ امر خان کي ڳاڙهي، نارنگي ۽ شوڪنگ گلابي رنگ جو لهنگو، چولي پهريل آهي، جڏهن ته سندس انداز ماڌوري ڊڪشٽ سان هڪجهڙائي رکندڙ آهي.
امر خان اڳ به اهو اظهار ڪري چڪي آهي ته هوءَ هميشه کان ماڌوري ڊڪشٽ جي مداح رهي آهي، هن لکيو ته ” نارنگي لهنگو ۽ چولي منهنجي من ۾ موجود ماڌوري جي مداح کي جاڳائي ڇڏيندو آهي.“
اداڪارا هي بولڊ رقص وڊيو خاص طور تي ٽِڪ ٽاڪ تي شيئر ڪئي، جتي واهپيدارن طرفان اداڪارا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن مان ڪجهه سندس لباس کي حد کان وڌيڪ بولڊ قرار ڏيندي اعتراض واريو، جڏهنته هڪ صارف مٿس ٺٺول ڪندي لکيو ته ” ادي، پاڪستان اوهان جي هن صلاحيت کي قبول نٿو ڪري، ڀارت هلي وڃ ۽ اڃا وڌيڪ بولڊ ڪپڙا پائي.“