ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت ڪوئيٽا سميت سڄي صوبي ۾ صورتحال معمول تي اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو پر ڪوئيٽا جي ڪجهه علائقن ۾ ڳجهي اطلاعن تي آپريشن جاري هجڻ جي تصديق ڪئي آهي.
بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو ته ڪوئيٽا ۾ آپريشن ۾ 100 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ هٿيار به برآمد ٿيا.
هن ٻڌايو ته شهر ۾ اڄ انٽرنيٽ ڊيٽا بحال ٿي ويندي، جن علائقن ۾ سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي، اتي انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته نوشڪي ۾ جن روڊن کي نقصان پهتو، انهن جي بحالي جو ڪم جاري آهي.
You might also like