پاڪستان هاڻي پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي، ڀارت خلاف ورلڊ ڪپ ميچ جو بائيڪاٽ ضروري هو: نجم سيٺي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان طرفان بنگلاديش سان ايڪي جي اظهار طور ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جا ڪيترائي اثر پئجي سگهن ٿا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي اڳوڻي نجم سيٺي پاڪستان جي هن غير معمولي فيصلي تي تبصرو ڪندي ان جي قانوني حيثيت ۽ ممڪن اثرن تي روشني وڌي آهي.
نجم سيٺي هڪ بيان ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ واري فيصلي کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جو فيصلو سوچي سمجهي کنيل قدم آهي، ڇو ته اها ئي ميچ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) لاءِ سڀ کان وڌيڪ مالي اهميت رکي ٿو.
اڳوڻي چيئرمين چيو ته پاڪستان اڳ ۾ مڪمل طور آءِ سي سي جي آمدني تي ڀاڙيندو هو، پر هاڻي حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي آمدني انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کان وڌيڪ آهي، تنهنڪري اسلام آباد هاڻي پنهنجن پيرن تي بيٺل آهي ۽ مضبوط پوزيشن ۾ آهي.
نجم سيٺي چيو ته آءِ سي سي جي موجوده مالي ماڊل ۾ ڀارت کي غير متناسب فائدو ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ننڍا بورڊ مسلسل نقصان ۾ آهن. جيڪڏهن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي پاڪ-ڀارت ميچ ۽ ان سان لاڳاپيل آمدني گهرجي، ته ان کي انصاف ۽ برابري جي اصولن لاءِ بيهڻو پوندو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪ-ڀارت ميچ مان سڀ کان وڌيڪ آمدني ٿئي ٿي، تنهنڪري جيڪڏهن اِها ميچ نه ٿي ته سڀ کان وڏو نقصان ڀارتي براڊڪاسٽر کي ٿيندو، پر هو پي سي بي خلاف سڌيءَ ريت قانوني ڪارروائي نه ڪندا.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن براڊڪاسٽر ميچ کي غير منافعي بخش قرار ڏئي معاهدو واپس وٺي ٿو ته ان جو اثر آءِ سي سي تي پوندو.
نجم سيٺي موجب آءِ سي سي بنگلاديش سان ناانصافي ڪئي آهي، پر اڃا به موقعو موجود آهي ته ان جي گورننگ باڊي صورتحال کي صحيح نموني سان حل ڪري. اميد آهي ته ڏاهپ سان ڪم وٺندي درست فيصلو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.