ايران جي پاسداران انقلاب ٻه آئل ٽينڪر ضبط ڪري ورتا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسداران انقلاب نار ۾ ٻه آئل ٽينڪر قبضي ۾ وٺي ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب پرڏيهي عملو رکندڙ ٻن آئل ٽينڪرن کي ٻارڻ سمگلنگ جي الزام ۾ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.
پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ضبط ڪيل ٽينڪرن تي ڪهڙن ملڪن جا پرچم لڳل هئا ۽ عملي جو واسطو ڪهڙن ملڪن سان آهي.
ايراني ميڊيا موجب ٻنهي جهازن مان 10 لک ليٽر کان وڌيڪ سمگل ٿيل ٻارڻ برآمد ڪيو ويو، جڏهن ته مجموعي طور تي عملي جي 15 پرڏيهي ميمبرن کي عدالتي ڪارروائي لاءِ اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب پاسداران انقلاب اهي ٽينڪر نار ۾ ايراني ٻيٽ فارسي ڀرسان تحويل ۾ ورتا.
پاسداران انقلاب بيان ۾ چيو ته اهي جهاز گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سمگلنگ ۾ ملوث هئا ۽ نگراني، انٽيليجنس ڄاڻ ۽ سامونڊي ڪارروائين کانپوءِ انهن کي روڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.