رياض(ويب ڊيسڪ) پرتگال جي ليجنڊري فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي ڪلب النصر ۾ پنهنجي مستقبل بابت ڪيترين ئي خبرن جي ور چڙهيل آهي.
سعودي پرو ليگ ۾ ’النصر‘ ڪلب جي ٽيم سومر جي ڏينهن الجريح خلاف ميچ کيڏي، پر ٽيم جو اسٽار رانديگر ڪرسٽيانو رونالڊو اسڪواڊ جو حصو نه هو.“
سندس غير موجودگي سندس مستقبل بابت ڪيترن ئي شڪن شبهن کي جنم ڏنو آهي.
پرتگالي اخبار اَي بولا‘ موجب، 40 ورهين جي رونالڊو کيڏڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو سعودي عرب جي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ (پي آءِ ايف) طرفان ڪلب جي انتظامي معاملن مان ناخوش آهي.
النصر ۽ الهلال، جيڪي ملڪ جا سڀ کان ڪامياب ڪلب سمجهيا وڃن ٿا، ٻئي پي آءِ ايف جي نگراني هيٺ آهن، جيڪو انگلش ڪلب نيو ڪاسل يونائيٽڊ کي به سهائتا فراهم ڪري ٿو.
رونالڊو سال 2022 ۾ مانچسٽر يونائيٽڊ ڇڏڻ کانپوءِ النصر ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، جتي هو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ فٽبالر بڻيو، کيس ساليانو 177 ملين پائونڊ پگهار ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته هو هنيئر تائين رڳو عرب ڪلب چيمپيئنز ڪپ کٽڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.
پنج ڀيرا بالون ڊي اور ايوارڊ ماڻيندڙ رونالڊو جون 2025 ۾ النصر سان ٻن سالن جو نئون معاهدو ڪيو هو.
ان کان اڳ افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته هو ڪلب ڇڏي حريف ٽيم الهلال ۾ عارضي طور شامل ٿي سگهي ٿو.
تازين ترين اڳڀرائي هڪ ڀيرو ٻيهر افواهه کي جنم ڏنو آهي ته نيٺ رونالڊو ۽ النصر جي وچ ۾ ڇا غلط ٿي رهيو آهي.