پرائيويسي سان گڏ زبردست بيٽري به، هن سمارٽ فون کانپوءِ چارجنگ جي ٽينشن ئي ختم

 

ٿورو سوچيو اهڙو سمارٽ فون، جنهن کي لڳ ڀڳ هڪ هفتي تائين چارج ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي؟ ها، واقعي هڪ جرمن ڪمپني ’پونڪيٽ‘ اهڙو سمارٽ فون ايم سي 03 تيار ڪيو آهي، جنهن جي بيٽري لائف ٻين سمارٽ فونن جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر آهي.
گهڻن سمارٽ فونن جي بيٽري مشڪل سان هڪ يا ٻن ڏينهن تائين هلندي آهي.
پر ايم سي 03 کي 6 کان 7 ڏينهن تائين بنا چارج ڪرڻ جي به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ان جو سبب اهو آهي ته گهڻن سمارٽ فونن ۾ ڪيئي ايپس پسمنظر ۾ متحرڪ رهنديون آهن ۽ ڊيٽا يا توانائي استعمال ڪنديون رهن ٿيون.
پر ايم سي 03 ۾ واهپيدارن جي پرائيويسي کي ترجيح ڏني وئي آهي ۽ اهي پاڻ ايپس طرفان ڊيٽا گڏ ڪرڻ واري عمل کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا.
فون ۾ باءِ ڊيفالٽ ايپس کي انٽرنيٽ تائين پهچ کان پري رکيو ويو آهي، جنهن سبب بئڪ گرائونڊ ۾ ڊيٽا گڏ ڪرڻ ممڪن ئي ناهي.
ڪمپني موجب، هن فون جي بيٽري ڪنهن به سمارٽ فون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏينهن تائين ڪم ڪري ٿي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته فون جي بيٽري لائف ڇرڪائيندڙ آهي ۽ وڌيڪ استعمال جي صورت ۾ 4 کان 5 ڏينهن تائين چارج ڪرڻ جي ضرورت نٿي پوي، جڏهن⁠ته عام استعمال ۾ 6 کان 7 ڏينهن تائين فون هلي سگهي ٿو.
اهم ڳالهه اِها آهي ته فون ۾ ڪا تمام وڏي بيٽري نه پر ٻين فونن جهڙي ئي بيٽري موجود آهي.
هي فون اوپن سورس اينڊرائيڊ پراجيڪٽ تي ٻڌل آپريٽنگ سسٽم AphyOS تي ڪم ڪري ٿو ۽ واهپيدارن جي پرائيويسي جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويو آهي.
فون ۾ 120 هرٽز او ايل اي ڊي ڊسپلي موجود آهي، جڏهن ⁠ته بيٽري کي سولائيءَ سان ڪڍي مٽائي سگهجي ٿو.
فون جي پٺيان 3 ڪيمرائون موجود آهن.
هي فون جلد يورپ ۾ 700 ڊالرن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.