ويجهڙائي وارن سالن ۾ انسانن جهڙن روبوٽن جي تياري تي تيزيءَ سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻي چين جي هڪ ڪمپني لڳ ڀڳ انسان جهڙو روبوٽ تيار ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي .
جيتوڻيڪ اڃا تائين ان کي مڪمل (پرفيڪٽ) قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ’مويا‘ نالي روبوٽ کي ڏسندي ئي اندازو ٿي وڃي ٿو ته اهو روبوٽ آهي.
پر ڪجهه دلچسپ يا ڇرڪائيندڙ تفصيل اهڙا آهن، جيڪي اوهان جي رت جي گردش کي ضرور تيز ڪري سگهن ٿا.
سڀ کان پهرين ڳالهه اها آهي ته مويا جي چمڙي حقيقت ۾ گرم آهي.
روبوٽ تيار ڪندڙ ڪمپني ’ڊريوڊ اپ‘ جي باني لي چنگڊو دعويٰ ڪئي ته”هڪ اهڙو روبوٽ جيڪو حقيقي انسان جهڙو نظر اچي، ان جو گرم هئڻ ضروري آهي، ائين جيئن اسان انسان هوندا آهيون.“
هن روبوٽ جو جسماني گرمي پد 32 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ آهي.
ڪمپني مويا کي طبي سار سنڀال، تعليم ۽ ٻين مقصدن لاءِ، جهڙوڪ انسانن جي دوست يا ساٿي طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.
ڪمپني موجب، مويا جو هلڻ جو انداز به 92 سيڪڙو تائين انسانن سان هڪجهڙائي رکي ٿو.
اپريل 2025 ۾ مويا جي پروٽوٽائپ ڍانچي دنيا جي پهرين روبوٽ هاف ميريٿان ريس ۾ پِتل جو ٻِلو حاصل ڪيو هو.
عورت روبوٽ جي اکين جي پٺيان ڪيمرا موجود آهي، جنهن جي ذريعي اها انسانن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿي ۽ انسانن جهڙا تاثرات به ظاهر ڪري سگهي ٿي.
ڪمپني موجب، هن روبوٽ جي تياري ۾ هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ) جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ان ئي سبب مويا کي دنيا جو پهريون بايوميميٽڪ اي آءِ روبوٽ قرار ڏنو پيو وڃي.
مويا کي 2026 دوران ڪنهن به وقت هڪ لک 73 هزار ڊالرن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.