ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو پاڪستان جي بائيڪاٽ جي اعلان باوجود چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان سان ميچ ٿئي نه ٿئي اسان ڪولمبو وينداسين.
ممبئي ۾ صحافين سان سوريا ڪمار ياديو چيو ته اسان جي ٽيم ڪولمبو ويندي، ڀلي ميچ ٿئي يا نه ٿئي، اسان جو ذهن واضح آهي، اسان انهن سان کيڏڻ کان انڪار ناهي ڪيو، انڪار پاڪستان طرفان ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته اسان جون ٽڪيٽون کپي ويون آهن، وڃي رهيا آهيون، پوءِ ڏسنداسين ته ڇا ٿو ٿئي.
واضح رهي ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميچ 15 فيبروري تي ڪولمبو ۾ شيڊيول آهي پر پاڪستان ميچ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.
You might also like