ڪشمير جلد آزادي جو نئون صبح ڏسندو: فيلڊ مارشل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڪشمير جلد آزادي جو نئون صبح ڏسندو، جيڪا ڪشميرين جي اجتماعي خواهش ۽ مقدر آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مظفر آباد جو دورو ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گل نڇاور ڪيا.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل ڪشمير تحريڪ جي شهيدن جي بهادري ۽ قربانين کي ساراهيو.
هن چيو ته ڀارت جي رياستي جارحيت ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪشميرين جو حوصلا نه ٽوڙي سگهيون، هندوتوا تي ٻڌل پاليسين باوجود ڪشميري عوام جي جدوجهد وڌيڪ مضبوط ٿي آهي، پاڪستان عالمي فورمز تي ڪشمير جو ڪيس ڀرپور نموني سان اٿاريندو رهندو.
فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ڪشمير جلد آزادي جو نئون صبح ڏسندو، جيڪا ڪشميرين جي اجتماعي خواهش ۽ مقدر آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل ڪشمير ۾ مقرر آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن جذبي، پيشيوراڻي معيار ۽ جنگي تيارين کي ساراهيو.
هن چيو ته ڏکين آپريشنل حالتن باوجود فوج جو بلند حوصلو ساراهه جوڳو آهي، ڪنهن به جارحيت جو تڪڙو، اثرائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پاڪستان فوج روايتي ۽ هائبرڊ ٻنهي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.